اسلام آبادپاڪستان

پلاسٽڪ جي شين کي ٻيهر ڊزائين ڪرڻو پوندو:شيري رحمان

اسلام آباد :ماحولياتي تبديلي جي وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته اسان کي پلاسٽڪ شين کي ٻيهر ڊزائين ڪرڻو پوندو، شهرين، صنعتن ۽ مينوفيڪچررز کي ان هاڪاري تبديلي کي اختيار ڪرڻو پوندو. اسان کي هڪ ڀيرو استعمال ٿيندڙ پلاسٽڪ جي شين تي گهٽ ڀاڙڻ جي ضرورت آهي. ايس ڊي پي آئي جي پاليسي ڊائلاگ تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اسان جا عوامي هنڌ جبل ۽ سمنڊ پلاسٽڪ سان گدلا ٿي چڪا آهن. سمورو ملڪ پلاسٽڪ جي ڪچري جو رڳو 9 سيڪڙو ري سائيڪل ڪري رهيو آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي دنيا 2060 تائين پلاسٽڪ جي پيداوار ۾ ٽيڻ تي اضافو ڪندي. شيري رحمان چيو ته اسلام آباد ۾ چند سال اڳ پوليٿين بيڪس تي پابندي لڳائي وئي هئي پر مون کي هر هنڌ پلاسٽڪ جا ٿيلها نظر اچن ٿا. پلاسٽڪ جي کپت کي روڪي نٿا سگهون پر ان لاءِ سماجي ۽ گڏيل ذميواري ادا ڪرڻي پوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button