اسلام آبادپاڪستان

پنجاب چونڊون ڪيس ۽ نظرثاني ايڪٽ خلاف درخواستون گڏ ٻڌڻ جو فيصلو

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست ۽ ريويو آرڊرز ايند ججمينٽس ايڪٽ تي سپريم ڪورٽ ۾ شنوائي ڪندي چيو ته ريويو ايڪٽ تي نوٽيس کانپوءِ چونڊن جو ڪيس نئين قانون موجب بئنچ ٻڌندي. 14 مئي جي فيصلي تي عملدرآمد ممڪن نه آهي پر هي فيصلو تاريخ بڻجي چڪو آهي. عدالتي فيصلو تاريخ ۾ رهندو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون لازمي آهن. جڏهن ته جسٽس منير اختر پڇاڻو ڪيو ته سپريم ڪورٽ ريويو ايڪٽ نافذ ٿي چڪو ته عدالت پنجاب چونڊون ڪيس ڪيئن ٻڌي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل ٽه رڪني بئنچ شنوائي ڪئي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پنجاب اليڪشن نظرثاني ڪيس ۽ ريويو ايڪٽ کي گڏ ٻڌون ٿا. عدالت پي ٽي آئي پاران وڪيل علي ظفر کي روسٽرم تي گهرائي پڇاڻو ڪيو ته سپريم ڪورٽ نظرثاني تي نئين قانون تي اوهان جو ڇا موقف آهي، علي ظفر جواب ڏنو ته سپريم ڪورٽ جو نظرثاني تي نئون قانون آئين سان ٽڪراءُ ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون جو تسلسل آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان وٽ نئين نظرثاني قانون خلاف ڪجهه درخواستون آيون آهن، نظرثاني ايڪٽ جي معاملي کي ڪنهن اسٽيج تي ڏسڻو ئي آهي. اٽارني جنرل کي نوٽيس ڪري ڇڏيون ٿا، نظرثاني ايڪٽ تي نوٽيس کان پوءِ چونڊن ڪنهن ايڪٽ تحت بئنچ ٻڌندي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هڪ ڳالهه سٺي ٿي جو حڪومت ۽ ادارن چيو ته عدالت ۾ هي دليل ڏينداسين جيڪي قانوني آهن ٻي صورت ۾ هي ته عدالت جي دروازي کان ٻاهر احتجاج ڪري رهيا هئا، ان احتجاج جو ڇا مقصد هو، انصاف جي فراهمي ته مولا ڪريم جو ڪم آهي. عدالتي دَر تي احتجاج انصاف جي فراهمي ۾ رنڊڪ وجهڻ جهڙو آهي. چيف جسٽس علي ظفر کي چيو ته علي ظفر صاحب اوهان پنهنجو موقف ٻڌايو اسان ڇا سوچي رهيا آهيون پوءِ اسان ٻڌائي ڇڏينداسين. علي ظفر چيو ته منهنجو خيال آهي ته اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست تي ٻڌو وڃي، مان اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي جواب تيار ڪري ڇڏيو آهي. عدالت گڏوگڏ ريويو پوائنٽ خلاف به درخواست ٻڌي. جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ريويو ايڪٽ اسان تي لاڳو ٿئي ٿو ته اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي لارجر بئنچ ۾ ٻيهر دليل شروع ڪرڻا پوندا. عدالت ڪيئن پنجاب اليڪشن ڪيس ٻڌي، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ريويو ايڪٽ نافذ ٿي چڪو آهي؟ اوهان ٻڌايو ته ڪيئن اسان تي سپريم ڪورٽ ريويو ايڪٽ، پنجاب اليڪشن نظرثاني ڪيس ۾ لاڳو نٿو ٿئي؟ اوهان ڇا چئو ٿا اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني جي درخواست پراڻي قانون تحت ٻڌي وڃي. علي ظفر جواب ڏنو ته هائو هاڻي هن درخواست کي پراڻي قانون تحت ٻڌو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اپيل جي حد ٿيندي آهي هي هاڻي ڪوئي برينڊ نيو ڪيس نه آهي هي پهريان کان ٿيل فيصلي خلاف اپيل آهي.آئين جي نفاذ تي سڀ ڪليئر نه آهي جيڪو ڪجهه ملڪ ۾ ٿيو، مان 9 مئي جو حوالو ڏئي رهيو آهيان 14 مئي بابت فيصلو واپس نٿو وٺي سگهجي، 90 ڏينهن ۾ اليڪشن آئين گهرج آهي. علي ظفر چيو ته ملڪ ۾ آئين 14 مئي کان پوءِ مري چڪو آهي 14 ۽ 15 مئي جي وچ واري رات مان مسلسل سوچيو ته جواب مليو ته آئين قتل ٿي ويو آهي. آئين جي ڪمانڊ هئي سپريم ڪورٽ جو حڪم هو پر 14 مئي تي اليڪشن نه ٿي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 14 مئي تي اليڪشن جو فيصلو هاڻي واپس آڻڻ ممڪن نه آهي. اليڪشن ته نه ٿي پر اسان اصول طئي ڪري ڇڏيا ته ڪهڙين حالتن ۾ اليڪشن ملتوي ٿي سگهي ٿي ۽ ڪهڙين حالتن ۾ نه. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن لارجر بئنچ ٺهي ته ان جي سامهون نوان نقطا اٿاريا ويندا، قانون کي رول بيڪ ڪرڻ ممڪن نه ٿيندو. سوال اهو آهي ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن جي آئيني حيثيت ڇا آهي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کان پڇا ڪئي هئي ته ڇا 8 آڪٽوبر جي اليڪشن تي اوهان هتمي چئي سگهو ٿا ملڪ ۾ جيڪي واقعا ٿي چڪا ان کان پوءِ هي سوال رکيوآهي جنهن کان پوءِ عدالت پنجاب اليڪشن ڪيس ۽ ريويو ايڪٽ جي خلاف درخواستون گڏ ٻڌڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو ۽ اٽارني جنرل سميت سمورين ڌرين کي نوٽِيس ڪندي ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button