پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ ڦر مزاحمت تي ڊرائيور قتل، ويڳي پٽ جي فائرنگ ۾ پي مارجي ويو

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ نامعلوم هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي آن لائن ٽيڪسي ڊرائيور کي قتل ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب عزيز ڀٽي ٿاڻي جي حد گلشن اقبال بلاڪ 13 اي ۾ گيلاني مسجد ۽ گاڏي ورڪشاپ ويجهو فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو، جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ عباسي شهيد اسپتال پهچايو ويو آهي. نوجوان جي سڃاڻپ 28 ورهين جي احتشام اويس پٽ محمد عبدالله جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو گلشن حديد جو رهواسي ۽ آن لائين ٽيڪسي ڊرائيور هو. ڊي ايس پي گلشن اقبال سهيل خان ۽ ايس ايڇ او معراج اختر موجب شروعاتي طور معلوم ٿيو آهي ته مقتول نوجوان مستري جي دڪان جي ويجهو پهتو هو ۽ ڪنهن ٻئي ميڪينڪ جو پڇي رهيو هو ته موٽرسائيڪل سوار هٿياربند آيا ۽ هن کان ڦرلٽ ڪرڻ شروع ٿي ويا. نوجوان کي ڪلهي تي کاٻي پاسي کان هڪ گولي لڳي جيڪا سندس موت جو سبب ٿي. وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

هوڏانهن ڪراچي جي علائقي اتحاد ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن غازي بلاڪ اي گلشن حبيب مسجد ڀرسان فائرنگ ۾ هڪ شخص سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو علاج دوران فوت ٿي ويو. مقتول جي سڃاڻپ 45 ورهين جي يوسف پٽ فضل محمد طور ٿي آهي. ان حوالي سان ايس ايڇ او اتحاد ٽائون امداد علي ٻڌايو ته مقتول يوسف کي سندس ويڳي پٽ زيب الله پٽ زبير گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ فرار ٿي ويو. هن وڌيڪ چيو ته فرار ٿيل جوابدار جي پيءُ زبير پنهنجي زال کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي ۽ ڏيڍ سال کانپوءِ جوابدار جي ماءُ يوسف نالي شهري سان ٻي شادي ڪئي هئي. جوابدار زيب الله پنهنجي ماءُ سان ملڻ لا سندس گهر آيو هو ته ملاقات کانپوءِ جوابدار گهٽي ۾ پنهنجي ويڳي پيءُ تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويو. هن چيو ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button