پاڪستانسنڌ

نوري آباد لڳ موٽروي تي ٻن روڊ حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت، ٻارڙن سميت 3 زخمي

نوري آباد: نوري آباد ويجهو ٻن ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت، ٻارڙن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. خبر موجب موٽروي روڊ داداڀائي ويجهو ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ مزدا جو خراب بيٺل ٽرڪ پٺيان زوردار ٽڪر ٿي پيو. جنهن جي نتيجي ۾ مزدا سوار 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. ايڌي رضاڪارن فوتين جا مڙهه نوري آباد ٽراما سينٽر منتقل ڪيا ويا. جتي فوتين جي سڃاڻپ شبير احمد نوحاڻي، امتياز علي نوحاڻي ۽ امير بخش چنو جي نالن سان ڪئي وئي. جنهن مان هڪ ڄڻو ڪشمور ۽ 2 ڄڻا ٽنڊو محمد خان جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن.

هوڏانهن پوليس ضروري ڪاروائي بعد فوتين جا مڙهه وارثن حوالي ڪري ڇڏيا. ٻئي طرف موٽروي روڊ تي لوڻي ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ ٽرالر جو ڪار سان ٽڪر ٿي پيو. جنهن ۾ ڪار سوار راشد علي آرئين، معظم ۽ عبدالرافع شديد زخمي ٿي پيا. جن کي ايڌي رضاڪارن ۽ موٽروي پوليس نوري آباد ٽراما سينٽر آندو. جتان زخمين کي طبي امداد ڏئي ايمرجنسي ۾ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button