پاڪستانسنڌ

ڀان ۾ پيئڻ جي پاڻي کوٽ خلاف ڳوٺاڻن جي ريلي، با پاس تي ڌرڻو

ڀان سيدآباد: ڀان سيدآباد لڳ يوسي جعفرآباد ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ڳوٺ رئيس ننگر خان بروهي جا رهواسي روڊن تي نڪري آيا. ڳوٺاڻن ذوالفقار علي مينگل، منظور مينگل، عاشق بروهي، شير محمد بروهي، اختيار بروهي، حاجي موسيٰ بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ باءِ پاس روڊ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. احتجاج ۾ ڳوٺ رمضان پنهيار، ڳوٺ عرس پنهيار، ڳوٺ شير محمد بروهي، ڳوٺ ڪوٽ وارا بروهي ۽ ٻين ڳوٺن جا رهواسي به شريڪ هئا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي ۽ آبپاشي کاتي جي نااهلي، رشوت خوري ۽ غفلت سبب اسان پيئڻ جي پاڻي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا آهيون پر عملدارن جي ڪنن تي جونءِ به نه ٿي سري. هنن چيو ته پ پ کي ووٽ ڏيڻ باوجود به اسان کي پيئڻ جو صاف پاڻي نه ٿو ملي، سخت گرمي ۾ پاڻي لاءِ پريشان آهيون. هنن چيو ته اڪتڙ شاخ به سڪي پئي آهي، شاخ ۾ پاڻي نه هجڻ سبب زمينون بنجر بڻجي چڪيون آهن پر آبپاشي عملدار پاڻي نه ٿا فراهم ڪن. هنن مطالبو ڪيو ته جلد اڪتڙ شاخ ۾ پاڻي ڇڏي ۽ فلٽر پلانٽ ٺهرائي پيئڻ جو پاڻي ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button