رانديون

اسٽار فٽبالر ڪريم بينزيما سعودي عرب جي ڪلب الاتحاد سان معاهدو ڪري ڇڏيو

رياض: ريئل ميڊرڊ جي نمائندگي ڪندڙ اسٽار فٽبالر ڪريم بينزيما سعودي عرب جي ڪلب الاتحاد سان باضابطه طور تي ٽن سالن جو معاهدو ڪري ورتو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي الاتحاد ڪلب فرانس جي فٽبالر ڪريم بينزيما سان معاهدي جون تصويرون شيئر ڪيون، جيڪي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، سعودي ڪلب اسٽار پليئر کان في سيزن 200 ملين يورو ادا ڪندو، مطلب ته (61 ارب 20 ڪروڙ کان وڌيڪ) جو ساليانو معاهدو ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ 35 ورهين جي ڪريم بينزيما گذريل سيزن ۾ اسپينش ڪلب ريئل ميڊرڊ سان ڪانٽريڪٽ ۾ واڌ ڪئي هئي پر کيس ايندڙ سيزن لاءِ ڪلب طرفان ڪوبه جواب نه مليو هو، جنهن بعد هن سعودي ڪلب سان معاهدو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button