رانديون

هٿرادو ذهانت ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ آسٽريليا کي کٽرائي ڇڏي

آرٽيفشل انٽيليجنس يعني هٿرادو ذهانت ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ آسٽريليا کي کٽرائي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڪرڪيٽ آسٽريليا هٿرادو انٽيليجنس جي ڪيل اڳڪٿي بابت هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز اڳڪٿي پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ هو زوردار ٽهڪ پڻ ڏئي رهيو آهي. اڳڪٿي موجب ڀارت ۽ آسٽريليا حواسن کي قابو ڪندڙ ويڙهه وڙهي آهي، هڪ ڏکئي هدف کي ماڻڻ لاءِ آسٽريليا غيرمعمولي حڪمت عملي اختيار ڪئي، جنهن ۾ بيٽنگ آرڊر ۾ اٿل پٿل اچي وئي، جوش هيزل ووڊ موجب اڳڪٿي ۾ مون ناٿن لائن سان گڏجي اوپننگ ڪندي شاندار بائونڊريز هنيون آهن، پيٽ ڪمنز آخري سٽ پڙهي تھ مشڪل صورتحال باوجود آسٽريليا چيمپيئن شپ کٽي ورتي ۽ ڀارت مشڪل صورتحال ۾ رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button