رانديون

پاڪستان پاران احمد آباد ۾ ورلڊ ڪپ جا ميچ نھ کيڏڻ جو فيصلو

پاڪستان ڀارتي شهر احمد آباد ۾ ورلڊ ڪپ جي فائنل کي ڇڏي باقي ڪابھ شيڊول ميچ نھ کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي سربراهه نجم سيٺي پنهنجي موقف بابت آئي سي سي چيئرمين گريگ بارڪلي کي واضع نموني آگاهي ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب پي سي بي جو چوڻ آهي تھ احمد آباد ۾ فائنل ٿيو تھ اعتراض ناهي، باقي ڪابھ شيڊول ميچ نھ کيڏنداسين. ٻئي پاسي آئي سي سي جي سي اي او جيف ايلارڊائس جو چوڻ آهي تھ ڀارت ۾ رٿيل ورلڊ ڪپ جي شيڊول جو اعلان جلد ڪيو ويندو. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف پڻ ايشيا ڪپ بابت ننجم سيٺي جي اختيار ڪيل موقف کي بهتر قرار ڏيندي هدايت ڪئي تھ پنهنجي ڳالهه تي قائم رهي فيصلا ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button