هيءَ اها ڇوڪري آهي، جنهن کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن کي “امن جو نوبيل انعام” ان عمر ۾ مليو، جنهن عمر ۾ دنيا جي به ٻي شخص کي حاصل نه ٿي سگهيو آهي. مون هن جي اها تصوير ڏٺي آهي، جنهن ۾ هوءَ امن جو نوبيل انعام حاصل ڪري رهي آهي پر سچ اهو آهي ته هن کي مون ان وقت به ايترو خوش نه ڏٺو، جيترو خوش هن کي مون ان مهل ڏٺو، جنهن وقت هوءَ ڪنوار جي لباس ۾ پنهنجي جيون ساٿيءَ سان بيٺل هئي. هن جي منهن تي جيڪا مسرت هئي، اها يادگار هئي.
هر ڇوڪريءَ جو اهو خواب هوندو آهي ته هوءَ هڪ ڏينهن ڪنوار ٿئي ۽ پنهنجي پسند جي شخص سان شادي ڪري. هن کي اهو حق مليو. پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته عالمي شهرت يافتا ڇوڪري ملالا يوسفزئيءَ جي شاديءَ جي اها تقريب ايتري سادي سودي ٿي، جنهن جو دنيا ۾ ٻيو ڪو مثال ملڻ مشڪل آهي. جيڪڏهن هن جي شاديءَ جي تقريب باقاعدي سان ٿئي ها ته هن جي تقريب ۾ اسان جي ملڪ جي سربراهه سميت دنيا جون ڪيتريون ئي وڏيون شخصيتون شريڪ ٿين ها. اها به هر ڇوڪريءَ جي خواهش هوندي آهي ته هن جي شادي دهل دمامن سان ٿئي ۽ هن جي شاديءَ جي تقريب ۾ اهي سڀ ماڻهو اچن، جن سان هوءَ پيار ڪري ٿي يا جن کي هوءَ پنهنجي شاديءَ جي تقريب ۾ ڏسڻ چاهي ٿي پر آخر ان جا سبب ڪهڙا هئا؟ جن جي ڪري هن کي اها خوشي نصيب نه ٿي سگهي؟ ڇا ان جو سبب اهو هو ته هن جي شاديءَ جي تقريب ۾ ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي جو امڪان ٿي پئي سگهيو؟ اهو ممڪن هو پر جيڪڏهن هن جي شادي پاڪستان ۾ ٿئي ها. هوءَ هن وقت انگلينڊ ۾ رهي ٿي ۽ جيڪڏهن هن جي شاديءَ جي سلسلي ۾ سڪيورٽي گهربل هجي ها ته هن کي هڪ اشاري تي ملي وڃي ها. ملالا جي لاءِ اهو ڪم ڪنهن به طور تي مشڪل نه هو. پر ان جا به ڪي سبب هوندا جو هن جي اها شادي تمام گهڻي سادي ٿي.
پاڪستان به هن جي شاديءَ جو سمورو خرچ برداشت ڪري ها. هن جي شاديءَ دنيا جو مشهور شو به ٿي وڃي ها. پر ڇا هن جي اها خواهش هئي ته هن جي شادي تمام گهڻي سادگيءَ سان ٿئي؟ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ملالا اهو نه چاهي ته هن جي شاديءَ ۾ هن جا چاهيندڙ ۽ خاص طور تي هن جا پرستار اچن. هن جي شادي جيڪڏهن ڪورونا جي ڪري گوڙ شور جي متمحل نه پئي ٿي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ هن جي شادي ايس او پيز تي عمل ڪندي اهڙي طريقي سان ٿي پئي سگهي جو ان ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ماڻهن جي شرڪت لازمي هجي ها پر اهو ڪجهه نه ٿي سگهيو ۽ هوءَ ايئن شادي ڪري وئي، جيئن ڪا تمام غريب ۽ مسڪين والدين جي نياڻي شادي ڪري. جڏهن ته نوبيل انعام ملڻ کان پوءِ هن جو هڪ ادارو آهي ۽ هن جي هڪ ٽيم آهي. جيڪا جديد قسم جي ملازمن تي مشتمل آهي ۽ هو اها ڪوشش ڪامياب طريقي سان ڪري ٿي سگهيا ته هن جي شادي دنيا ۾ امن ۽ تعليم جي سلسلي ۾ هڪ يادگار تقريب جيان ٿي وڃي ها. ان جا سبب ڪهڙا هئا جو هن جي شاديءَ ۾ نه ڪنهن نچيو ۽ نه ڪنهن ڳاتو ۽ اها شادي صرف هڪ ننڍڙي خبر وانگر سامهون آئي ۽ گم ٿي وئي. مون کي ذاتي طور تي ان جو تمام گهڻو افسوس آهي. ڇو ته ملالا جنهن طرح جي شادي چاهي ها، اها ٿي سگهي پئي. هن جو اهو حق هو ته هن جي شاديءَ جون سموريون رسمون هن جي مرضيءَ جي مطابق هجن ها. پر آخر ڪجهه ته هو جو هن جي شادي ايتري پوشيده نموني سان ٿي گذري. ان باري ۾ هن جي والدين ۽ خاص ڪري هن جي والد جو فرض هو ته هو دنيا جي سامهون پنهنجي ڌيءَ جي شاديءَ جي تقريب ۾ سڀني کان دعائون گهرائي ها ۽ هو پنهنجي فرض ادا ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ مبارڪن جو مستحق بڻجي ها.
اها حقيقت آهي ته هن مهل تائين ملالا جي باري ۾ جيڪا به تقريب ٿي آهي، ان ۾ ملالا سان خوشيون ملهائڻ جي لاءِ سموري دنيا کي آڏو آندو ويو آهي پر هي پهريون ڀيرو هو جو ملالا جي سڀ کان اسپيشل ڏينهن تي هن سان گڏ اهي سمورا ماڻهو نه هئا، جيڪي هن سان پيار ڪن ٿا ۽ هن کي پنهنجو سمجهن ٿا.
مون کي معلوم آهي ته هر انسان جي پنهنجي زندگي هجي ٿي ۽ ان زندگيءَ ۾ مداخلت ڪرڻ جو اسان کي ڪو حق ناهي پر اهو به حقيقت آهي ته جن ماڻهن کي اسان پنهنجي طور تي پنهنجو سمجهون ٿا، انهن جي نه صرف غمن کي پر خوشين کي به اسان پنهنجو سمجهڻ جي سلسلي ۾ مجبور هجون ٿا ۽ اسان اهو تصور ڪرڻ به لڳون ٿا ته جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه اسان جي هٿ ۾ هجي ها ته اسان ان کي ڪهڙي طرح سرانجام ڏيون ها. اها صرف منهنجي ڳالهه ناهي پر مان سمجهان ٿو ته هن دنيا ۾ اهڙا هزارين ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجو سمجهن ٿا. بلڪل ايئن جيئن ڪو پنهنجي ڀيڻ يا پنهنجي ڌيءَ کي پنهنجو سمجهي. ملالا تمام گهڻو ڀوڳيو آهي ۽ اسان کي هن جي ڀوڳنا جو گهٽ ۾ گهٽ احساس ته هجڻ گهرجي ۽ ان ڀوڳنا جي حوالي سان هن سان قرب جو مظاهرو ڪرڻ ته بلڪل هڪ فطري عمل آهي.
شادي هڪ انسان ۽ خاص طور تي هڪ ڇوڪريءَ جي زندگيءَ جو هڪ اهڙو خواب هوندي آهي، جيڪا هوءَ ننڍپڻ کان وٺي پنهنجي جيءَ ۾ هڪ ديپ جيان جلائيندي آهي. ان حوالي سان هن جا به ڪي خواب هوندا. پر هن جي زندگيءَ جي اهم ترين ڏينهن کي جهڙي طرح خوشيءَ سان نه ملهايو ويو، اهو سڀ ڪجهه افسوسناڪ عمل آهي ۽ ان سلسلي ۾ اسان کي اهو حق پهچي ٿو ته اسان پنهنجي دل جي درد جو اظهار ڪريون.
درد جي سٺي دوا درد کي وسارڻ ۾ هوندي آهي يا ان درد کي ٻيو ڪو نئون دڳ ڏيڻ ۾ هوندي آهي. ان ڪري مان ان افسوس کي گهڻو ورجائڻ نه ٿو چاهيان ۽ ان نياڻيءَ کي هن جي زندگيءَ جي نئين سفر جي سلسلي ۾ مبارڪ ڏيڻ چاهيان ٿو. مان هڪ ڌيءَ جي پيءُ هجڻ جي حيثيت ۾ به هن کي نئين جيون جون مبارڪون ڏيڻ چاهيان ٿو ۽ چاهيان ٿو ته هوءَ خوشين ۽ مسرتن جي زندگيءَ سان اهي سک ڏسي جو هن کان هن جي زندگيءَ جا اهي سمورا ڏک وسري وڃن، جن جو غبار دل تي ڄمي ويندو آهي. مون کي تمام گهڻي خوشي آهي ته هوءَ جا اڳ ۾ هڪ ڌيءَ هئي، هاڻي هوءَ هڪ زال به بڻي آهي ۽ هوءَ هڪ اهڙي فيملي ٿي جيون جو آڌرڀاءُ ڪري، جيڪا فيملي هن جي پنهنجي آهي.
ملالا اسان جي آهي. ڪالهه هن جا ڏک اسان جا هئا. اڄ هن جا سک به اسان جا آهن. پر نياڻين جا بار تمام ڀاري هوندا آهن. اهي بار نياڻيون پاڻ سان گڏ کڻي سگهنديون آهن. اهي بار اسان ڪاش! پنهنجن ڪلهن تي کڻي سگهون پر اسان نه ٿا کڻي سگهون. اهي بار نياڻيون پاڻ پنهنجن ڪلهن تي کڻنديون آهن ۽ اهي بار کڻڻ مهل اهي ايئن مسڪرائينديون به آهن، جيئن ملالا پنهنجي شاديءَ جي ڏينهن تي مسڪرائي رهي هئي.
اسان جي هٿن ۾ دعائن کان سواءِ ٻيو ڇاهي؟ پر اهي خالي هٿ ملالا جيڪڏهن پنهنجي مٿي تي محسوس به ڪري ته اسان پاڻ کي خوشنصيب سمجهنداسين. ملالا صرف منهنجي نه پر اسان سڀني جو ٻچو آهي. اسان سڀ هن جي نئين زندگيءَ جي سلسلي ۾ هڪ عزم شامل ڪري سگهون ٿا ۽ اهو عزم ئي هر “مريم” جي زندگيءَ جو حاصل هوندو آهي. مريم منهنجي ڌيءَ ۽ ملالا جي ڀيڻ آهي. جهڙي طرح مان مريم جي زندگيءَ جي باري ۾ سراپا دعا آهيان، تهڙي طرح مان ملالا کي به دعائن سميت مبارڪون موڪلي رهيو آهيان. اهي مبارڪون هن تائين پهچن يا نه پر پنهنجي خواهش آهي ته اهي دعائن واريون مبارڪون صرف ۽ صرف هن جي قسمت ۾ قبول پون.