ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

هاري دشمن پ پ سرڪار

Editorial-Article-Yameen Jatoi

عام طور پگهاردار دانشورن ۽ تجزئي نگارن پاران اها ڪوڙي پروپئگنڊا ڪئي ويندي آهي ته پيپلز پارٽي مزدورن، هارين ۽ شاگردن جي پارٽي آهي، ساڳي وقت اهو به چيو ويندو آهي ته اها ئي “واحد” (؟؟؟) پارٽي آهي جيڪا ملڪ ۾ جمهوريت جي جنگ وڙهي رهي آهي. ان ڪوڙي پروپئگنڊا جي ابتڙ پ پ نه رڳو مزدورن، هارين ۽ شاگردن جي پارٽي ناهي پر اها ته انهن جي دشمن پارٽي آهي. نه رڳو اهو پر اها ته جمهوريت جي به وڏي ۾ وڏي دشمن پارٽي آهي. ڇاڪاڻ ته ڪجهه سالن کان پ پ جيئن اسٽيبلشمينٽ لا ڀاڙيتو ڪردار ادا ڪيو آهي، ان مان ان جي جمهوريت دشمني به کلي سامهون اچي چڪي آهي. بلاول ڀٽو زرداري مسلسل اهو چوندو رهيو آهي ته هر معاملي کي پارليامينٽ اندر حل ڪيو ويندو، اها اصل ۾ هن جي ٽرڪ هئي ۽ آهي، جنهن جو مقصد اي وي ايم سميت سمورين جمهوريت ۽ صحافت دشمن قانونسازين لا راهه هموار ڪري ڏيڻ هو. هونئن ته 2008ع کان وٺي پيپلز پارٽي عوام دشمني ۽ جمهوريت دشمني ۾ پنهنجي هڪ ڌار تاريخ ٺاهي پر عوام تي مڙهيل نيازي ٽولي جي اقتداري دور ۾ پيپلز پارٽي ان جي سهولتڪاري جو جيڪو مڪروهه ڪردار ادا ڪيو آهي، تاريخ ان جو حساب کانئس سود سميت اوڳاڙيندي. بهرحال، جمهوريت دشمني سان گڏ پيپلز پارٽي جو مزدور، هاري ۽ شاگرد دشمن بيهودو ڪردار به هاڻي سڀني جي آڏو اچي چڪو آهي. عام طور اهو به چيو ويندو آهي ته “پيپلز پارٽي هيتري زمين غريب هارين ۾ ورهائي”، نسورو ڪوڙ، بيهودي پروپئگنڊا! پيپلز پارٽي جا پگهاردار دانشور ۽ تجزئي نگار اها ڪوڙي ۽ عوام کي گمراهه ڪندڙ پروپئگنڊا ڏهاڪن کان ڪندا پيا اچن پر حقيقت بنهه ان جي ابتڙ آهي. پيپلز پارٽي سنڌ جي مظلوم هارين سان جيڪي ڪيس ڪيا آهن، انهن جي ته پوري هڪ تاريخ آهي پر ڪجهه عرصي کان پ پ سرڪار اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي ٽنڊي الهيار جي تعلقي چمبڙ ۾ مظلوم هارين جي زمينن تي جيئن قبضا ڪرائي رهي آهي، ان مان به ان جو هاري دشمن ڪردار نروار ٿي اڳيان اچي ٿو. پر ان باوجود پيپلز پارٽي جي پگهاردار دانشورن ۽ تجزئي نگارن کي چمبڙ جي مظلوم هارين سان ٿيندڙ اهو ظلم نظر نٿو اچي!! هو اڃا تائين پيپلز پارٽي جي شان ۾ قصيده گوئي کان نٿا مڙن!! هاڻي اچو ته پيپلز پارٽي جي هاري دشمن بڇڙي چهري تان پردو کڻو ته ڪيئن نه هو ڏهاڪن کان کيڙيندڙ چمبڙ جي هارين جي سوين ايڪڙ زمين تي ڌاڙو هڻي، سوين خاندانن جي وات مان گرهه کسي رهي آهي.
پ پ سرڪار ۾ ويٺل با اثر ڀوتارن ۽ پيرن ميرن جي آشيرواد سان بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر غلام علي پاشا 2010ع ۾ چمبڙ جي هارين جي 563 ايڪڙ زمين جون داخلائون رد ڪيون، جنهن جو ڪو به سبب نه ٻڌايو ويو، هارين کي رڳو ايترو ٻڌايو ويو ته سوٽوموٽو ايڪشن تحت ايئن ڪيو ويو آهي. هڪ هاري اڳواڻ ڪامريڊ ارباب رستماڻي موجب “غلام علي پاشا جو اهو اختيار ئي نه هو ته هو داخلائون رد ڪري سگهي.” داخلائون رد ڪرڻ کان اڳ ۾ کاتيدارن جا ڪاغذ ڏسي ها، ساڻن ڳالهائي ها يا ڪيس هلايو وڃي ها وڪيل اچن ها پر ڪو به قانوني طريقو اختيار نه ڪيو ويو. قانون کان مٿانهون قدم کڻندي زمين جون داخلائون رد ڪيون ويو. جنهن خلاف کاتيدار مختلف عدالتن ۾ ويل آهن. جنهن خلاف عدالت اسٽي آرڊر جاري چڪي آهي پر اسٽي آرڊر کي نه مڃيندي، هلندڙ سال آگسٽ ۾ روينيو عملدارن پ پ سرڪار جي پٺڀرائي سان 563 ايڪڙن مان 283 ايڪڙن جا کاتا تبديل ڪري ڪراچي جي نعمان نالي هڪ سرمائيدار جي نالي ڪري ڇڏيا. ڪامريڊ ارباب رستماڻي جو چوڻ آهي ته “نعمان جو واسطو روينيو جي وزير مخدوم عاشق الزمان سان آهي. 2010ع ۾ به امين فهيم جڏهن وفاقي وزير هو، سندس چوڻ تي ئي غلام علي پاشا 563 ايڪڙ زمين جون داخلائون رد ڪيون هيون.” مطلب ته ان وقت به اهو ئي ساڳو مخدوم خاندان اقتدار جي زور تي هارين جي زمينن تي لڳندڙ ڌاڙي ۾ ملوث هو. ڪامريڊ ارباب رستماڻي اهو به ٻڌايو ته ٽنڊي الهيار جا ايم اين اي ۽ ايم پي اي به چون ٿا ته توهان سان ظلم ٿيو آهي پر معاملو اسان کان زور آهي، اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون. ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته چمبڙ جي مظلوم هارين جي اها زمين ڦٻائڻ پويان ڪهڙيون بلائون لڳل آهن، جيڪي سنڌ جي ٻين وسيلن جيان هاڻي کاتا تبديل ڪري، هارين کان زمينون به ڦرڻ چاهين ٿيون.
نوڪرشاهي ۽ سياسي ڀوتارن جون ڪيئن چولي دامن جو ساٿ رهيو آهي، ان کي سمجهڻ لا هي ڪيس هڪ مثال آهي. ڇاڪاڻ ته موجوده مختيارڪار غلام شبير ميرجت اچڻ شرط ليٽر جاري ڪيو ته ڪو به اسٽي آرڊر ڪونهي. ٻئي طرف ڊي سي ۽ ٻين روينيو عملدارن گڏجي هارين جي زمينن تي ڌاڙو هڻندي نعمان ۽ سندس ڀائرن ڀينرن جي نالي کاتا ڪري ڇڏيا. هاڻي عدالت جي اسٽي آرڊر باوجود کاتا تبديل ڪرڻ خلاف نعمان، سندس ڀائرن ۽ روينيو مختيارڪار خلاف توهين عدالت جي پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي. توهين عدالت جي پٽيشن بعد عدالت آڏو سرڪاري وڪيل حامي ڀري ته هو 15 ڏينهن اندر جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪندو.
ڪامريڊ ارباب رستماڻي زمين تي هلندڙ تڪرار جو پسمنظر ڪجهه هيئن ٻڌايو ته “نعمان جي پي، 60ع جي ڏهاڪي ۾ اها زمين بئنڪ کي لکي ڏني هئي. ان وقت نعمان جو پي بئنڪن جو ڊائريڪٽر هوندو هو، هن پنهنجي 563 ايڪڙ زمين گروي رکي بئنڪن کان قرض کنيو. جيڪو هن بئنڪن کي واپس نه ڪيو، قرض جي ڪري بئنڪون ڏيوالي جو شڪار ٿي ويون. جنهن بعد نعمان جي پي اها زمين بئنڪن کي لکي ڏني ته منهنجو ان سان ڪو به واسطو ڪونهي. هاڻي اها زمين منهنجي ناهي. 11 سال زمين بئنڪ وٽ هئي. جنهن جو کاتو 7 نمبر فارم تي رکيل هو. ان وقت ڪو زمين خريد ڪندو ڪونه هو، ماڻهو ان وقت بئنڪ کان زمين ليز تي کڻندا هئا. 5 سالن لا شاهنواز جوڻيجي به اها زمين ليز تي کنئي هئي. زمين تان قبصو نه ڇڏڻ تي اڳتي هلي شاهنواز جوڻيجي سان هارين جو تضاد اڀريو، جنهن کان پو، 70-1969ع ۾ چمبڙ هاري تحريڪ جنم ورتو. هارين کي ڪوڙا لڳا، ڪامريڊ احمد خان لغاري ۽ ڪامريڊ عثمان لغاري سميت 24 هارين کي گرفتار ڪيو ويو. 77ع ۽ 78ع ۾ اربن ڪارپوريٽو سوسائٽي بئنڪ ۽ اربن ڪارپوريٽو بئنڪ اشتهار جاري ڪيو ته جيڪو به اها زمين خريد ڪرڻ چاهي ٿو، انهن بئنڪن سان رابطو ڪري. مختلف هارين ڄاڻايل ٻنهي بئنڪن کان اها زمين خريد ڪئي.”
ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته اها زمين چئن پنجن ڏهاڪن کان چمبڙ جي هارين جي ملڪيت آهي. جيڪي اها زمين کيڙي پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالي رهيا آهن. پر اچانڪ نعمان نالي اهو همراهه ظاهر ٿي ويو آهي، ۽ هو پ پ سرڪار جي آشيرواد ۽ مڪمل پٺڀرائي سان اها زمين هارين کان کسي سوين خاندانن کي بک مارڻ چاهي ٿو. ان ظلم خلاف هڪ ڊگهي عرصي کان چمبڙ جا هاري سراپا احتجاج بڻيل آهن. پر هن مهل تائين حڪمرانن جي ڪنن تي ڪا جون به چري آهي. 2008ع کان قائم ٿيل پ پ سرڪار سنڌ جي عوام لا هڪ ناسور بڻجي وئي آهي. پ پ سرڪار ۾ ويٺل ڀوتارن ۽ سرمائيدارن جا ڀڀ نه پيا ڀرجن. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي هارين جون ٻنيون ڦٻائڻ لا اهو نئون طريقه واردات شروع ڪيو ويو آهي. چمبڙ ۾ هارين جي زمينن تي ٿيندڙ قبضو ان جو واضح مثال آهي. اهڙي ناحق ۽ ظلم خلاف ڪجهه ڏينهن اڳ چمبڙ جي هارين سنڌ هاري ڪميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال به ڪئي. جتي سنڌ هاري ڪميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن چيو ته “سنڌ ۾ حڪومتي وڏيرن جي سازشن سان غريب هارين ۽ ننڍن آبادگارن جي زمينن جي کاتن ۾ هيرڦير ڪري انهن جي زمينن تي قبضا ڪرڻ اڄ جي دور ۾ معمول بڻجي ويو آھي، انهي طرح جو هڪ ڪيس تعلقي چمبڙ جي ديھه ٺل ۾ ٿيو آھي، 283 ايڪڙ جي رڪارڊ ۾ هيرڦير ڪري سنڌ حڪومت جي آقا جي فرنٽ مين جي نالي رڪارڊ تبديل ڪيو ويو آهي.” ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي ڪيمپ تي صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو “2008 کان يعني جڏهن کان سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿي آھي، تڏهن کان ٽنڊوالهيار ضلعي جي زمينن تي قبضي لا سرڪاري وڏيرن مختلف حربا استعمال ڪرڻ شروع ڪيا آھن، ماڻھن جي کاتن کي تبديل ڪري پنهنجي فرنٽ مينن جي نالي کاتا تبديل ڪرائڻ ۽ ننڍن زميندارن جو پاڻي بند ڪرڻ معمول بڻجي ويو آھي، انهن کي چيو ويندو آھي ته زمينون اسان کي وڪرو ڪريو ۽ جيڪڏهن ڪير وڪرو ناهي ڪندو ته ان جي زمينن تي زبردستي قبضو ڪيو ويندو آھي، ۽ اهو سلسلو انهن وڏيرن پوري سنڌ ۾ شروع ڪيو آھي.” سنڌ هاري ڪميٽي جي جوائنٽ سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال چيو ته “ان طرح جون ڪارروايون پوري سنڌ ۾ ٿي رهيون آھن، ضلعي دادو جي تعلقي جوهي ۾ رٽائرڊ استاد علي گوهر سومرو جي زمين تي به انهي طرح قبضو ڪيو ويو آھي، سنڌ هاري ڪميٽي پوري سنڌ ۾ هارين ۽ ننڍن آبادگارن سان ملي ڪري سرڪاري وڏيرن ۽ انهن جي ظلم خلاف جدوجهد ڪندي.”
سوال اهو آهي ته مزدورن ۽ هارين جي حقن جون دعويدار کاٻي ڌر جون پارٽيون ڇا ڪري رهيون آهن؟ چمبڙ ۾ هڪ ٻي وڏي هاري هلچل اڀرڻ جا امڪان پيدا ٿي رهيا آهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته کاٻي ڌر جي پارٽين کي اڳيان اچي هارين جي اڳواڻي ڪرڻ گهرجي. جيتوڻيڪ ان ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو متحرڪ ڪردار نظر اچي ٿو ته پر سنڌ جي ٻين عوام دوست ۽ ترقي پسند ڌرين کي به اڳيان اچڻ گهرجي. هارين جي وات مان گرهه کسيندڙ پ پ سرڪار خلاف اڀرندڙ مزاحمت کي سياسي طور منظم ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button