ملائشيا جي ٽرانسجينڊر عورت نور سجات جي زندگي ان وقت مشڪلاتن ۾ اچي وئي، جڏهن کيس پنهنجي ئي ملڪ ۾ بي وطن ڪيو ويو. ميڊيا رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ملائشيا جي ٽرانسجينڊر عورت نور سجات قمر الزمان تي روايتي عورتن جو لباس پائڻ تان توهين مذهب جو الزام لڳايو ويو، ڇوتھ اهو لباس اسلامي روايتن تحت رڳو مسلمان عورتن کي ئي پائڻو آهي. هڪ مذهبي تقريب دوران سيڪيورٽي اهلڪارن فيشن جي دنيا ۾ وڏو نالو هجڻ باوجود نور سجات کي گرفتار ڪري پاڻ وٽ رکيو ۽ کيس پناهگير جو درجو ڏئي ٻئي ملڪ ۾ پناهه وٺڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي. نور سجات اڄڪلهه آسٽريليا ۾ آهي. هن پنهنجي خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ ٻڌايو تھ اهلڪارن حراست ۾ وٺي تشدد ڪيو، ڌڪا ڏئي ٿڏا هنيا ويا، اهو وشياڻو سلوڪ هو، مون کي اتان فرار ٿيڻو پيو، زندگي بچائڻ جو مون وٽ رڳو اهو هڪ رستو بچيو هو. هن چيو تھ والدين جي آڏو بھ بيعزتو ڪيو ويو تھ ڏک ٿيو.
نور سجات ٽرانسجينڊر عورت رهي، هن وقت مڪمل عورت هجڻ جي دعويدار
سڊني: ملائشيا مان توهين مذهب جو الزام لڳڻ بعد آسٽريليا ۾ پناهه وٺندڙ نور سجات قمر الزمان جي جنس ڪڏهن بھ لڪل ناهي رهي، اها عورت ۽ مرد ٻنهي خصلتن سان پيدا ٿي، تنهنڪري کيس ٽرانسجينڊر عورت سڏيو ويو. جڏهن تھ نور سجات جي هاڻ دعوا آهي تھ اها مڪمل عورت آهي. هن سرٽيفڪيٽ بھ پيش ڪيو.