شوبز

مون کي هاڻ هيروئن جو ڪردار تھ نھ ملندو: ليلا واسطي

پاڪستان جي سينيئر اداڪارا ليلا واسطي چيو آهي تھ اها خبر اٿم تھ مون کي هاڻ هيروئن جو ڪردار تھ نھ ملندو. پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ شوبز انڊسٽري کان 10 سال پري رهيس، واپسي تي ڪردار ملڻ تي خوشي ٿي، مون کي خدشو اهو ٿيو تھ ڪابھ آڇ نھ ٿيندي. هن ٻڌايو تھ مان پنهنجي عمر کي ڏسي پريشان ناهيان، خبر هئي تھ ڀاڄائي، وڏي ڀيڻ جا ڪردار ملندا، يا وري امڙ ٿيڻ جي آڇ ٿيندي. هن چيو تھ منهنجي آڏو امڙ جو ڪردار ڪرڻ ڪو مسئلو ناهي، بس اهو حقيقت جي ويجهو هجي. هن چيو تھ هم ڪهان ڪي سچي ٿي ۽ عشق لا ۾ ڪم ڪري مزو آيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو تھ عمران خان بابا ۽ امان جو دوست هو، اهو اسان جي گهر ايندو هو، ان دوران ننڍپڻ ۾ ان سان هڪ ملاقات ٿي هئي. مان اداڪارا بدران ٽيچر ٿيڻ گهريو، پر شوبز ۾ اچي ويس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button