ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

گهاري ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ ماريل پورهيت جي وارثن سان انصاف ڪيو

Editorial

سنڌ ۾ پوليس جو ڪردار ڪو گهڻو عوام دوست نه رهيو آهي. جيتوڻيڪ پوليس قائم ته عام ماڻهو کي تحفظ ڏيڻ لا وئي آهي پر ان جو اصل ڪم عام ماڻهو کان وڌيڪ با اثر ماڻهو کي تحفظ ڏيڻ هوندو آهي. ان جا ڪيترائي مثال موجود آهن. عام ماڻهو کي ڪوڙن مقابلن ۾ مارڻ ۾ پوليس پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي. هاف فرائي ۽ فل فرائي تحت پوليس جيڪي به ڪارروايون ڪيون، انهن ۾ وڏي حد تائين بيگناهه به ماريا ويا يا سڄي ڄمار لا اپاهج ڪيا ويا. جڙتو مقابلن ۾ رڪارڊ قائم ڪندڙ پوليس عوام کي آزارڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي. اهڙي ئي هڪ مبنيا مقابلي ۾ گهاري ويجهو هڪ پورهيت ماريو ويو هو، جنهن جي انصاف لا سندس امڙ دانهون ڪندي رهي ٿي پر کيس اڃا تائين انصاف پلئه نه پئجي سگهيو آهي.
3 مھينا اڳ گھارو ويجھو پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل پورھيت صدرالدين ولھاري جي ما ۽ وني معصوم ٻارڙن سان گڏ مڪلي تي صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته صدر ولھاري گھاري ويجھو ٻاٻڙا لڳ زمين تي ھارپو ڪندو ھو. اٽڪل 3 مھينا اڳ 23 آگسٽ واري رات دير سان پوليس موبائلن گھر جو گھيرو ڪري پٽ صدرالدين ولھاري کي گھران گرفتار ڪري گم ڪرڻ بعد مقابلي ۾ مارڻ ۽ زخمي ڪرڻ جو ڪوڙو الزام ھڻي کيس جڙتو مقابلو ڄاڻائي ناحق قتل ڪري مقتول جي لاش جي تذليل ڪري شھر ۾ رلائيندا رھيا، جيڪا وڏي انسانيت جي تذليل ۽ ساڻن ناانصافي آھي. ھنن چيو ته “پوليس عملدارن صدر ولھاري جي معصوم ٻارڙن کي يتيم ۽ سندس گھر واري کي بيواھه بنائي کانئن سندن سھارو کسي ڇڏيو آھي. پر اسان حوصلو ناھي ھاريو، اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آھي.” ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته کيس جڙتو مقابلي ۾ ماريندڙ گھارو پوليس خلاف ڪارروائي ڪري انصاف سميت تحفظ مھيا ڪيو وڃي. ان موقعي تي صدر الدين ولھاري جي ما پنھنجي پٽ کي ياد ڪندي روئيندي بيھوش ٿي وئي، جنھن کي علاج لا سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو.
سنڌ ۾ پوليس جو ڪردار مجموعي طور عوام جي ڀلائي ۾ نه رهيو آهي، سنڌ ۾ پوليس عام ماڻهو کي تحفظ ته ڇا فراهم ڪندي پر ان جي ڏاڍ خلاف ڪيئي دانهون ٿينديون رهيون آهن. ڪيترائي اهڙا واقعا سامهون آيا جن ۾ پوليس قانون کي هٿ ۾ کنيو. سنڌ ۾ پوليس ڪارروائين جا رڳو هڪ سال جا انگ اکر گڏ ڪجن ته ڏندين آڱريون اچي وينديون، ته ڪيئن نه سنڌ جي عوام کي هڪ ڪٺور دل نظام جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. جيڪي وڏا ڏوهاري آهن، جيڪي ڏوهه پيدا ڪرڻ جون نرسريون آهن، جيڪي ڏوهارين کي تحفظ ڏيندڙ آهن، پوليس ڪڏهن به انهن جو وارو به ونگو نه ڪيو آهي. پوليس جون جيڪي به ڪارروايون ٿيون آهن، سي ڪکاون گهرن ۾ رهندڙن جي خلاف ئي ٿيون آهن، جڏهن پوليس جو ڪردار اهڙو وڃي بيهي ته اها ڪيئن عام ماڻهو کي تحفظ ڏيندي ۽ ان جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪندي.
آخر سنڌ ۾ ان نوعيت جا واقعا ڪيستائين ٿيندا رهندا؟ پوليس جي اهڙين ڪاررواين جو سدباب ٿيندو يا نه؟ اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت جو فرض آهي ته هو متاثرن سان انصاف ڪرڻ لا پنهنجو ڪردار ادا ڪري. عوام سنڌ حڪومت کي ان لا اقتدار جي ڪرسي تي ناهي ويهاريو ته انهن جي ٻچن کي ايئن ڪٺو وڃي ۽ سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل رهي. جيڪڏهن پورهيت ڏوهاري هو ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ها، ايئن گرفتار ڪري پو مبينا مقابلي ۾ مارڻ جو حق پوليس کي ڪهڙي قانون تحت مليل آهي؟ جيڪڏهن هر فيصلو پوليس کي ئي ڪرڻو آهي ته پو عدالتون ڇا لا قائم ڪيون ويون آهن؟ پوليس کي نيٺ ان ڳالهه جو پابند ڪير ڪندو ته ان ڳالهه جو عدالت تعين ڪندي ته ڪير ڏوهاري آهي يا نه، نڪي پوليس. پوليس کي اهو ڪنهن اختيار ڏنو آهي ته هو جنهن کي وڻي ايئن بي موت ماري ڇڏي؟ اسان سمجهون ٿا ته ان واقعي جي ذميوارن جو تعين ٿيڻ گهرجي ۽ پورهيت جي وارثن سان انصاف ٿيڻ گهرجي. سڀ کان پهرين گهارو پوليس جي انهن ذميوار عملدارن ۽ اهلڪارن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي کانئن ان واقعي جي جاچ ڪئي وڃي، ته جنهن پورهيت کي پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو آهي اهو ڏوهاري به هيو نه؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button