رانديون

پي سي بي جي چيئرمين شپ تي پ پ جو حق آهي: فيصل ڪنڊي

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چٽن لفظن ۾ چئي ڇڏيو آهي تھ پي سي بي جي چيئرمين شپ تي پ پ جو حق آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ راندين واري وزارت پ پ وٽ آهي ۽ پي سي بي ان وزارت جو حصو آهي، تنهنڪري پي سي بي چيئرمين پ پ جو ماڻهو ٿيندو، تنهنڪري مان چوان ٿو تھ ذڪاءَ اشرف ئي پي سي بي جو چيئرمين ٿيندو، تنهنڪري نجم سيٺي جي صلاحيتن مان حڪومت ڪنهن ٻئي هنڌ تي فائدو وٺي. ياد رهي تھ گهرو وزير رانا ثناءُ الله چئي چڪو آهي تھ پي سي بي چيئرمين جي معاملي تي اتحادي جماعتن وچ ۾ ڪو اختلاف ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button