ايشيا ڪپ جو شيڊول نيٺ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پي سي بي جي هائبرڊ ماڊل کي قبول ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ڀارتي ٽيم پاڪستان نھ ايندي. ميڊيا مطابق تڪرارن، انڪارن ۽ اختلافن جي گونج بعد اي سي سي ايشيا ڪپ جي شيڊول جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت ايونٽ جا ميچ سريلنڪا ۽ پاڪستان ۾ کيڏيا ويندا. ايشيا ڪرڪيٽ ڪائونسل پاران پي سي بي جي هائبرڊ ماڊل جي تجويز تسليم ڪرڻ بعد ايونٽ جا 13 مان 4 شروعاتي ميچ پاڪستان جي لاهور ۾ رٿيا آهن. جڏهن تھ فائنل سميت ايونٽ جي باقي 9 ميچ سريلنڪا ۾ منعقد ڪيا ويندا، سمورا مقابلا 13 آگسٽ کان 17 سيپٽمبر تائين منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هوڏانهن پي سي بي جي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي تھ اي سي سي پاران اسان جو ماڊل تسليم ڪرڻ جو مطلب اهو آهي تھ ميزباني پي سي بي وٽ ئي رهندي، جيڪا اسان جي ڪاميابي آهي. هن چيو تھ اسان جيان بي سي سي آئي کي بھ پنهنجي حڪومت جي منظوري وٺڻي پوندي آهي، تنهنڪري ڪرڪيٽ لاءِ هائبرڊ ماڊل ئي بهترين حل آهي. شيڊول تحت ايشيا ڪپ جا 2 گروپ هوندا، هر گروپ مان 2 ٽيمون سپر 4 مرحلي ۾ اينديون ۽ 2 ٽاپ ٽيمون فائنل کيڏنديون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close