رانديون

بنگلاديش افغانستان کي 662 رنسن جو جبل جيڏو هدف ڏئي ڇڏيو

بنگلاديش افغانستان کي 662 رنسن جو جبل جيڏو هدف ڏئي ڇڏيو، جنهن جي جواب ۾ افغانستان جي ٽيم 2 وڪيٽن تي 45 رنسون ٺاهيون هيون. ميڊيا مطابق راند جي ٽئين ڏينهن جي ختم ٿيڻ تي بنگلاديش ٻي اننگز ۾ شنٽو ۽ مومن جي سينچرين سان 4 وڪيٽن جي نقصان سان 425 رنسن تي اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي ۽ افغانستان کي کيڏڻ جي دعوت ڏني آهي. ان کان اڳ بنگلاديش جي بيٽرن مان نجم الحسن شنٽو 124، مومن الحق 121، ذاڪر حسين 71 ۽ لٽن داس 66 رنسون ٺاهي وڏو اسڪور ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي. جڏهن تھ افغان بالرن مان ظاهر خان 2 ۽ ڪريم جنت هڪ وڪيٽ ورتي. هوڏانهن افغانستان جا بيٽر وڏو هدف ماڻڻ جي ڪوشش ڪندي 2 وڪيٽن تي رڳو 45 رنسون ٺاهي سگهيا، سندن آئوٽ ٿيندڙ بيٽرن ۾ اوپنر ابراهيم زادران ٻڙي ۽ عبدالمالڪ 5 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا، راند ختم ٿيڻ تي رحمت شاهه 10 ۽ ناصر جمال 5 رنسن تي پچ تي موجود رهيا. جڏهن تھ حشمت الله شاهدي 13 رنسن تي رٽائرڊ ٿي واپس هليو ويو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ڍاڪا ۾ جاري پهرين ٽيسٽ تي بنگلاديش جي پڪڙ مضبوط آهي، جڏهن تھ افغاڻ ٽيم کي ٽيسٽ ۾ فتح لاءِ اڃا 8 وڪيٽن تي 617 رنسن جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button