رانديون

ايشين گيمز ۾ بيس بال ٽيم جي شرڪت خدشن جو شڪار

ايشين گيمز ۾ پاڪستان جي بيس بال ٽيم جي شرڪت خدشن جو شڪار ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ايونٽ ۾ شرڪت مالي پيچيدگين سبب شڪ ۾ پئي آهي، جنهن سبب ٽيم جي وڃڻ يا نھ وڃڻ جو حتمي فيصلو نھ ٿي سگهيو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ پاڪستان اسپورٽس بورڊ بيس بال فيڊريشن کي روزانو 50 ڊالر جي خرچ جو بندوبست پاڻ ڪرڻ جو چيو آهي، جنهن بعد فيڊريشن پڻ ٻڏتر جو شڪار آهي. ياد رهي تھ بيس بال جي 30 رڪني ٽيم ايشين گيمز ۾ شرڪت ڪندي، پر اسپورٽس بورڊ رڳو ٽن راندين هاڪي، والي بال ۽ ڪبڊي لاءِ خرچ فراهم ڪندي، باقي بيس بال فيڊريشن کي خرچ پاڻ برداشت ڪرڻ جو چيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button