رانديون

ساف ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستاني فٽبالرن جي اڏام مس، ويزا نھ ملي

ڀارت ۾ رٿيل ساف چيمپيئن شپ ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستان جي فٽبال ٽيم کي ڀارتي اختيارين ويزا جاري نھ ڪيون آهن، تنهنڪري انهن جي روانگي شيڊول تحت نھ ٿي سگهي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان جي فٽبال رانديگرن کي هڪ ڏينهن اڳ آچر تي ماريشيس کان بينگلور ڀارت روانو ٿيڻو هو، پر ويزائون جاري نھ ٿيڻ سبب انهن کي جهازن جون بڪ ڪرايل ٽيڪيٽون معطل ڪرائڻيون پئجي ويون آهن. پي ايف ايڇ جي اختيارين ٻڌايو تھ ڀارتي فيڊريشن کي ويزا بابت آگاهي ڏيڻي هئي، پر انهن هاڻ جواب ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي تھ ايونٽ 21 جون اربع کان شروع ٿي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button