
پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر عامر سهيل پي سي بي مينيجمينٽ جي سربراهه نجم سيٺي کي بورڊ ۾ ڪم ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ قانوني نوٽيس ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ليگل نوٽيس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ بين الصوبائي وزارت کي استدعا ڪئي وئي آهي تھ مينيجمينٽ ڪاميٽي قانون تحت غيرفعال ٿي وئي آهي، تنهنڪري نجم سيٺي کي ڪم کان روڪيو.