ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ اڄ به عوام جن سياستدانن کي سٺن لفظن ۾ ياد ٿا ڪن، تن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس ڌيءَ بينظير ڀٽو به شامل آهن. اهي ٻئي نه رڳو آمريتن جي عذابن جو شڪار ٿيا پر اهي پنهنجو سر به گهوري ويا. اڄ بينظير ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي، جنهن جو اهو ويساهه هو ته ملڪ ۾ ڏاڍ جي حڪومت ۽ آمريت کي فقط پرامن جمهوري جدوجهد سان شڪست ڏئي سگهجي ٿي.
پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ جتي آمريت ڏهاڪن تائين قائم رهي، سياست گار هجي ۽ سياستدانن لاءِ اهو مشهور ڪيو وڃي ته سياستدان چور هوندا آهن، اهي ٺڳ هوندا آهن ۽ اهي رڳو ڪرپشن ڪندا آهن. اتي جيڪڏهن بينظير جهڙي عورت جو جنم ٿئي ۽ اها ضياءَ ۽ پرويز مشرف جهڙن آمرن جو پرامن جمهوري جدوجهد ذريعي مقابلو ڪري ته اها بينطير جي ان جمهوري سوچ جي ڪاميابي آهي، جنهن لاءِ هن چيو هو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي. پر اهو بهترين انتقام ڪنهن کان آهي ۽ اهو انتقام ڪنهن لاءِ آهي. اهو انتقام انهن قوتن کان آهي، جن کي جمهوريت هڪ اک نٿي ڀانئين پوي ۽ جيڪي سمجهن ٿيون ته عوام کي ڏنڊي جي زور تي ماري ان تي حڪمراني ڪري سگهجي ٿي ۽ اهو انتقام ان عوام لاءِ آهي، جنهن جيل ڪاٽيا آهن، ڦٽڪا برداشت ڪيا آهن ۽ ڦاهين جي رسن کي چميو آهي.
جيڪڏهن ڪالهه ذوالفقار علي ڀٽو هن ملڪ جو تعارف هو ته ان کان پوءِ هڪ ٻيو تعارف بينظير ڀٽو بڻي، جنهن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جمهوريت جو ڪيس وڙهيو ۽ ان جمهوريت جي حمايت حاصل ڪرڻ چاهي، جيڪا هتان جي عوام جو خواب رهي آهي. بينظير ڀٽو پنهنجي سياسي جدوجهد ۾ انهن ماڻهن سان بيٺل نظر آئي، جيڪي ملڪ ۾ مارشل لائن خلاف مزاحمت ڪندا رهيا. ايم آر ڊيءَ ۾ جڏهن سڄي سنڌ آمر ضياءُ الحق لاءِ ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏي هئي ته بينظير ڀٽو ان وقت انهن ماڻهن جو آواز ٿي بيٺي جيڪي نه رڳو آمريت به آمر ضياءَ کان به سخت نفرت ڪندا هئا، ڇاڪاڻ ته ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ کان پوءِ ضياءَ سنڌ ۾ نفرت جي علامت بڻجي ويو هو. ائين بينظير ڀٽو سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت خلاف سنڌ جي انهن جمهوريت پسند ڌرين سان گڏ نظر آئي، جن لاءِ اڄ به پاڻي جيئڻ مرڻ جو مسئلو آهي. اهي سنڌ جا قومي مسئلا رهيا آهن، جن تي سنڌ جو موقف ساڳيو رهيو آهي ۽ سنڌي قوم ان موقف تان هٽڻ لاءِ تيار ڪونهي.
اهو بينظير ڀٽو جو ڪمال هو جو هن پيپلز پارٽيءَ کي چئني صوبن ۾ مقبول ڪري ڏيکاريو. هوءَ ان ڳالهه تي يقين رکندي هئي ته ملڪ ۾ جيڪو به جمهوريت پسند ۽ مظلوم طبقو آهي، ان جا ڏک سور ساڳيا آهن، ان جا مسئلا ساڳيا آهن ۽ انهن جو حل به هڪ جمهوري پارٽي وسيلي ٿي سگهي ٿو. هوءَ انهن ئي سازشن جو شڪار پڻ ٿي، جيڪي سازشون پهرين ڏينهن کان وٺي جمهوريت خلاف ٿينديون پيون اچن. مثال طور سندس جيل ياترا به ان سلسلي جي ڪڙي آهي، جڏهن هوءَ ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ آواز اٿارڻ لڳي ته کيس جيل حوالي ڪيو ويو. هوءَ جيل دوران بيمارين سان جهيڙيندي رهي، پر هن غيرجمهوري قوتن سان سمجهوتو نه ڪيو. دنيا ۾ بنهه ٿورا سياستدان آهن، جيڪي سياستدان جي ميدان ۾ مڃتا ماڻيندا آهن. بينظير ڀٽو به انهن ۾ شامل آهي، جنهن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو ڪيس رکيو، جنهن پاڪستان ۾ ٿيندڙ هڪ ڏکي ۽ اڙانگي سياست جي چونڊ ڪري پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيو.
ڪجهه سال اڳ ريحان فضل بي بي سيءَ لاءِ هڪ آرٽيڪل لکيو هو، جنهن ۾ هن بينظير جي سياسي جدوجهد جو ذڪر ڪيو آهي. ان ۾ هڪ هنڌ هو لکي ٿو ته “پاڪستان واپس ورڻ کان اڳ هوءَ آمريڪا جي شهر ڪولوراڊو ۾ ايسين وڃي رهي هئي، جهاز ۾ آمريڪي سفير زلمي خليل زاد ۽ سندس گهرواري به ساڻ هئا. جهاز جي ميزبان بينظير کي تندور مان نڪتل تازا تازا بسڪوٽ کارائڻ جي آڇ ڪئي.
بينظير نرميءَ سان اهو چوندي انڪار ڪيو ته هاڻوڪن ڏينهن ۾ هوءَ پنهنجو وزن گهٽائي رهي آهي پر هڪ سيڪنڊ ۾ ئي هن ائير هوسٽيس کي واپس سڏيو ۽ چيو هلو، ان سان ڪهڙوُ ٿو فرق پوي. مون کي ڪجهه مهينن ۾ مري وڃڻو آهي.”
اڄ بينظير ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي. کيس اسان کان وڇڙئي لڳ ڀڳ 16 سال ٿي چڪا آهن پر هوءَ اڄ به ماڻهن لاءِ بينظير آهي ۽ بينظير رهندي.