رانديون

والدين چيو تھ مون کي ڪير هارائي نٿو سگهي: سيف الله سولنگي

اسپيشل اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل سميت مجموعي طور تي چار ميڊل کٽيندڙ اٿليٽ سيف الله چيو آهي تھ والدين چيو تھ مون کي ڪير هارائي نٿو سگهي، جيڪڏهن مان چاهيان تھ سڀ ڪجهه ڪري سگهان ٿو. بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ ٻڌايو تھ مان خوداعتمادي سان اڳتي وڌيس ۽ مقابلو کٽيو، هاڻ منهنجا دوست چون ٿا ايڏو وزن ٻيو ڪير بھ نھ کڻي سگهندو. سيف الله سولنگي جو چوڻ آهي تھ مون ڏينهن رات جي پرواهه ڪرڻ بنا محنت ڪئي، والدين همٿ ڏني، تنهنڪري اولمپڪس ۾ ڪاميابي تي خوشي ۾ رنو آهيان. هن چيو تھ هاڻ نگاهون ٻين عالمي مقابلن ۾ آهن، ڇوتھ وڪٽري اسٽينڊ تي بيهڻ جو مزو پنهنجو آهي. هن چيو تھ ڪاميابي ملڻ تي منهنجي امڙ، بابو ۽ ڀينرون خوش آهن، اصل ۾ تيراڪي وڻي ٿي، پر پاور لفٽنگ جو شوق آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button