رانديون

ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ۾ سريلنڪا هٿان اومان کي 10 وڪيٽن تان شڪست

زمبابوي ۾ جاري ورلڊ ڪپ ڪواليفائر مقابلن ۾ گروپ بي جي ٽيمن سريلنڪا ۽ اومان وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ سريلنڪا 10 وڪيٽن تان اومان کي شڪست ڏئي وڏي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. ميڊيا مطابق اومان جي ٽيم 98 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ آيان خان 41 رنسن سان نمايان رهيو، باقي 4 بيٽر کاتو کولڻ بنا ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويا ۽ 4 بيٽر سنگل فگر ۾ ئي رهيا. سريلنڪا جي بالر ونيندو هسارنگا 5 ۽ لهرو ڪمارا 3 شڪار ڪري اومان جي بيٽنگ لائين تباهه ڪري ڇڏي. سريلنڪا جي ٽيم بنا نقصان جي هدف پورو ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ڊيموٿ ڪرونارتني 61 ۽ پيٿم نشانڪا 37 رنسون ڪيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button