رانديون

پاڪستاني چار جبل چاڙهو نانگا پربت جي چوٽي تي چڙهي ويا

پاڪستان جي چئن جبل چاڙهن 8 هزار 126 ميٽر بلند نانگا پربت جي چوٽي تي چڙهي مهم ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. ميڊيا مطابق مشهور جبل چاڙهو ساجد سدپارا ۽ دولت شاهه اضافي آڪسيجن بنا صبح سوير نانگا پربت جي چوٽي تي چڙهي اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. جڏهن تھ امتياز علي سدپارا ۽ يوسف علي گڏ مهم ۾ نڪري نانگا پربت جي چوٽي تي پهچي پنهنجي فتح جو اعلان ڪيو آهي. ياد رهي تھ آڪسيجن جي اضافي ڪمڪ بنا ڪيل مهم ۾ ساجد سدپارا اڳ بھ ڪجهه چوٽين تي پهچي ڪاميابي ماڻي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button