رانديون

زمبابوي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 408 رنسون ٺاهي تاريخ لکي ڇڏي

زمبابوي جي ٽيم ون ڊي ڪرڪيٽ جو وڏي ۾ وڏو اسڪور 408 رنسون ٺاهي تاريخ لکي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق هراري ۾ ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ۾ زمبابوي آمريڪا خلاف ڪرڪيٽ ۾ وڏي ۾ وڏو اسڪور ٺاهڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي. زمبابوي جي ڪپتان ۽ بيٽر سين وليمز 5 ڇڪن ۽ 21 چوڪن سان 174 رنسن جي شاندار اننگز سان پا۾ ملهايو، جنهن سان گڏ جوائيلارڊ گيمبي 78، سڪندر رضا 48، ريان برل 47، انوسينٽ ڪايا 32 رنسن سان نمايان رهيا. هوڏانهن آمريڪي بالر زمبابوي جون رڳو 6 وڪيٽون وٺي سگهيا، جن ۾ رڳو اڀيشڪ پراڊڪر 3 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button