رانديون

پي سي بي چيئرمين جي اليڪشن خلاف منع نامي جي درخواست رد

لاهور هائي ڪورٽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جي اليڪشن خلاف منع نامو جاري ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق لاهور هائي ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم جي سربراهي ۾ بينچ درخواسگذار اڳوڻي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي ميمبر گل زادا جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت عدالت وفاقي حڪومت، پي سي بي، اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪندي نوٽيس جاري ڪيا ۽ درخواست جي ٻڌڻي سڀاڻي ٻيهر رکي ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيئرمين جي اليڪشن بابت ڪاروائي هلائي ويندي. عدالت ۾ درخواستگذار گل زادا جي وڪيل دليل ڏيندي چيو تھ بورڊ جون زونل چونڊون ڪرائڻ بنا چيئرمين جي چونڊ غير آئيني آهي، منع نامو جاري ڪيو. وڪيل دليلن ۾ چيو تھ ڪرڪيٽ بورڊ درخواستگذار سميت ڪيترن ئي ووٽرن کي ووٽر لسٽن ۾ شامل ئي نھ ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button