رانديون

مير محمد هارون رئيساڻي بلوچستان هاڪي ايسوسيئيشن جو صدر مقرر

ڪوئٽا: بلوچستان هاڪي ايسوسيئيشن جي چيئرمين حاجي لشڪري جي فيصلي سان بلوچستان هاڪي ايسوسيئيشن ۾ وڏي تبديلي اچي وئي آهي. نوابزاده مير محمد هارون رئيساڻي کي بلوچستان هاڪي ايسوسيئيشن جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي، هارون رئيساڻي اڳوڻي وڏي وزير بلوچستان اسلم رئيساڻي جو ڀائيٽيو آهي. پي ايڇ ايف جي نائب صدر ۽ بلوچستان هاڪي ايسوسيئيشن جي چيئرمين حاجي لشڪري جي صدارت هيٺ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ امجد ستي جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي. بلوچستان هاڪي ايسوسيئيشن جي صدر امجد ستي ڪجهه ڏينهن اڳ عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي. ساڳئي اجلاس ۾ نوابزاده مير محمد هارون رئيساڻي کي نئون صدر بڻائڻ جي فيصلي جي به منظوري ڏني وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button