رانديون

سافٽ فٽبال چيمپيئن شپ، قومي ٽيم نيپال خلاف آخري ميچ به هارائي وئي

نئين دهلي: ڀارت ۾ جاري سافٽ فٽبال چيمپيئن شپ ۾ قومي ٽيم ناقص ڪارڪردگي سبب آخري ميچ به هارائي وئي. ساف فٽبال چيمپيئن شپ ۾ پاڪستاني ٽيم فتح جو مزو چکي نه سگهي، ٽئين ۽ آخري ميچ ۾ نيپال قومي ٽيم کي 0-1 تان شڪست ڏني. فيصلو ڪندڙ گول نيپال جي آشيش چوڌري 80هين منٽ ۾ ڪيو. ياد رهي ته چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان وانگر نيپالي ٽيم اڳ ۾ ئي سيمي فائنل جي ريس مان ٻاهر ٿي چڪي هئي پر واحد ڪاميابي حاصل ڪندي گروپ اي ۾ 3 پوائنٽن سان ٽئين نمبر تي آهي. پاڪستان کي پهرين ميچ ۾ ڀارت، ٻئي ۾ ڪويت جي ٽيم شڪست ڏني هئي، ڀارت ۽ ڪويت جون ٽيمون سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button