رانديون

اسپيشل اولمپڪ گيمز ۾ شاندار ڪارڪردگي، قومي رانديگر ڏيهه پهچي ويا

ڪراچي: جرمني جي شهر برلن ۾ اسپيشل اولمپڪ ورلڊ گيمز ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ کانپوءِ پاڪستاني ٽيم وطن واپس پهچي وئي، واپسي تي رانديگرن جو شاندار استقبال ڪيو ويو، ايونٽ ۾ پاڪستاني رانديگرن 80 ميڊلز يعني 11 گولڊ، 29 سلور ۽ 40 برونز ميڊل حاصل ڪيا. برلن ۾ 17 کان 25 جون تائين منعقد ٿيل اسپيشل اولمپڪس ورلڊ گيمز ۾ شرڪت کانپوءِ قومي ٽيم جي رانديگرن جو ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ايئرپورٽ پهچڻ تي اسپيشل اولمپڪس پاڪستان جي آفيسرن ۽ سندن مائٽن طرفان شاندار استقبال ڪيو ويو.

ان موقعي تي ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي هوائي اڏن جي فضا پاڪستان زنده باد جي نعرن سان گونجي اٿي، رانديگرن ۽ آفيسرن کي گلن جي ورکا ڪئي وئي، رانديگرن کي ڀليڪار جا بينر ۽ ميڊلز سان گڏ فوٽوز تي ٻڌل پوسٽر لڳايا ويا. پاڪستان لا گولڊ ميڊلز حاصل ڪندر رانديگرن سيف الله سولنگي، عثمان قمر، عمير ڪياني، فائز ناصر، ناهين خان، محمد لقمان، زينب علي رضا، ۽ ورلڊ گيمز جي افتتاحي تقريب کي مشعل بردار ثنا جو چوڻ هو ته پاڪستان لاءِ کٽڻ جي جذبي سان برلن ويا هئاسين. هن چيو ته ورلڊ گيمز جهڙي ميگا ايونٽ ۾ پاڪستان لاءِ ميڊل کٽڻ ڪنهن وڏي اعزاز کان گهٽ ناهي، اسان جي محنت، ڪوچز جي تربيت، اسپيشل اولمپڪس پاڪستان جي سرپرستي ۽ پوري قوم جي دعائن سان ڪاميابي ممڪن ٿي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button