ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڊرامو ۾’درياءَ جي ڌيءَ’

Editorial-Article- Rashid Leghari

حيدرآباد ۾ تازو زرعي زمين ۽ دريا کي بچائڻ لا شاندار عالمي سطح جو اسٽيج ڊرامو پيش ڪيو ويو هو. هي سچ به عالمي معيار جو ڊرامو هو. ڊرامي ۾ جتي ڪردارن نڀايو، اتي سائونڊ ۽ لائٽنگ به پنهنجو مٽ پاڻ هئي. هر ڪردار کي الڳ لائيٽ ڏني پئي وئي. هونئن ته حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم هال ۾ جيڪي به اسٽيج ڊراما ٿين ٿا، اڌ حصو ته ايڪو سائونڊ وارا والاري ويٺل هوندا آهن. هن ڊرامي جو ايڪو سائونڊ اڳيان نه پر پٺيان رکيو ويو هو. ڊرامي جا ڪردار هال کان به اسٽيج تي داخل ٿيا پئي. هن ڊرامي ۾ ٽن ڏينهن تائين مشهور اداڪارا آمنا الياس سچ به پنهنجي ڪردار سان خوب نڀايو. هونئن به چوندا آهن ته اداڪاري اها ڪجي جنهن ۾ نقل نه پر حقيقت نگاري هجي.
ٽن ڏينهن واري اسٽيج ڊرامي کي حيدرآباد جي ميڊيا ۽ صحافي نه سمجهي سگهيا هئا. هڪ چينل جو ڪئيمرامين ته ايترو اڻڄاڻ هو، جيڪو ڊرامي واري اسٽيج تي چڙهي رڪارڊ ڪرڻ لڳو هو. جنهن کي اتان هٽايو ويو. ان کي اها به خبر نه هئي ته هي اسٽيج ڪيترو حساس ۽ اهميت وارو آهي. اسٽيج ڊرامي جو نالو “درياءَ جي ڌيءَ” رکيو ويو هو. ڊرامو آل فور ون، انسان ڪلچر ڪلب پاران، آن فارم واٽر مئنيجمينٽ ايمپلائيز ايسوسيئشن سنڌ ۽ ايگريڪلچر مشينري ورڪشاپ ورڪر يونين حيدرآباد ۽ برٽش ڪائونسل پاڪستان جي سهڪار سان پيش ڪيو ويو. ڊرامي جو ليکڪ ۽ پروڊيوسر مشهور سنگر اريب اظهر هو. ڊرامي ۾ مارويءَ جو مرڪزي ڪردار مشهور ايڪٽر آمنا الياس ۽ عمر جو ڪردار فهيم اعظم ادا ڪيو. جنهن آمنا الياس جي فلم “باجي” ڏٺي هوندي، ان کي خبر پئجي ويندي ته آمنا الياس ڪيتري وڏي اداڪارا آهي.
جيتوڻيڪ آمنا الياس اسٽيج ٿيٽر تي ادڪارا طور پهريون ڀيرو ئي پرفارم ڪيو هو. سندس ڊراما ۽ فلمون پوري پاڪستان ۽ دنيا ۾ مشهور آهن. “درياءَ جي ڌيءَ” هڪ اصل ڊرامو هڪ اهڙي موضوع تي آڌاريل آهي، جيڪو مارئيءَ جي ڪهاڻي بيان ڪري ٿو، جيڪا هڪ ڪرشماتي نوجوان مهاڻي عورت آهي، جيڪا پنهنجي برادريءَ کي ڪلچر جي روايتي طريقن کي اپنائڻ تي مجبور ڪري ٿي، ڳوٺ ٻهلڻ کي هڪ روپ نالي ميگا پراجيڪٽ کان بچائي ٿي. جڏهن ته عمر کي ميگا ريئل اسٽيٽ پراجيڪٽ جو طاقتور صعنتڪار ڏيکاريو ويو آهي. اسٽيج ڊرامي ۾ مشهور رقاصه شيما ڪرماڻي ۽ ٻين پڻ اداڪاري ڪئي. جنھن ۾ پنھنجي ڌرتيءَ سان بي حد محبت ڏيکاري وئي.
ڊارمي جو مقصد اهو ڏيکاريو ويو ته ڀلي ڪيتري تڪليف ۾ هجو پنهنجون زرعي زمينون نه کپايو. زراعت ۽ سنڌو درياءَ تي قدرتي وھڪرن تي قبضا مافيا جي غير قانوني قبضن کي ختم ڪرڻ جو پيغام ڏنو ويو. سنڌو درياءَ جي فطري وهڪرن کي بحال رکڻ جو نياپو ڏنو ويو. جنهن ۾ آمنا الياس هڪ مهاڻي عورت جي ڪردار طور هڪ هائوسنگ سوسائٽي کي رد ڪندي بلڊر مافيا کان ڳوٺً کي بچائي ٿي. ھن ٿيٽر جو مقصد اهو به سامهون آيو ته زراعت، زمين، پاڻيءَ جي اهيمت کي سمجهيو وڃي. جيتوڻيڪ زمين جيڪا اسين زراعت لا استعمال ڪري زندگي گذارڻ لاءِ کاڌ خوراڪ حاصل ڪندا آھيون، جنهن کي تيزيءَ سان ختم ڪيو پيو وڃي. جنهن سان سڄي دنيا ۾ خوراڪ جو بحران جنم وٺندو. پوري دنيا به ان ڳالهه تي فڪرمند آهي ته خوراڪ جي بحران کي ڪيئن قابو ۾ ڪجي.
درياءَ جي ڌيءَ اهو بار بار سمجهايو ته زمين کي ڪنھن به صورت ۾ هائوسنگ سوسائٽيز لا وڪرو نه ڪيو وڃي. جنهن کي زراعت لاءِ استعمال ڪيو وڃي. نئين جدت سان پوک ڪئي وڃي، زمين تي ڪالونيون ۽ شھر نه اڏيا وڃن. دريائن ۽ جر جي پاڻيءَ جو استعمال صحيح نموني ڪجي. هن ڊرامي کي ٽن ڏينهن تائين مفت ۾ ڏيکاريو ويو. ضرورت ان ڳالهه جي هئي ته هتي شهرين ۽ آبادگارن کي وڌ کان وڌ شرڪت ڪرائي وڃي ها. جيڪي اهو سبق پرائين ها ته زرعي زمين جي اهميت ڇا آهي. ٻيو ته هن اسٽيج ڊرامي مان حيدرآباد ۾ ٿيندڙ اسٽيج ڊرامن جي تنظيمن کي به سکڻ گهرجي. اهڙن معياري ڊرامن سان ئي اسٽيج ڊرامن ۾ ساهه پئجي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button