ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جي ڌاري آباديءَ جو بار

Editorial

گذريل ٽن ڏهاڪن کان ڌاري آبادي لاڳيتو ملڪ ۾ اچي آباد ٿي رهي آهي ۽ اها سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آباد پڻ آهي. سنڌ جي عوام جو سدائين اهو مطالبو رهيو آهي ته اها ڌاري آبادي سنڌ جي وسيلن تي بار آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ مسئلا پڻ وڌائي رهي آهي. ملڪ جي ڪنهن به صوبي ۾ ايتري وڏي انگ ۾ ڌاري آباديءَ کي آباد ڪونه ڪيو ويو آهي، جيترو سنڌ ۾ ڪيو ويو آهي. پر هيستائين ان پاسي ڌيان ڪونه پيو ڏنو وڃي. ڪابه حڪومت سنڌ جي وسيلن تي قابض ڌاري آبادڪاريءَ کي پنهنجن ملڪن ڏانهن روانو ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. ايستائين جو پيپلز پارٽي انهن کي سهولتون فراهم ڪري ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪندي رهي آهي. تنهنڪري اها آبادي مزي سان ڪراچي جهڙي شهر ۾ رهي پئي، اتي برمي، بهاري، افغاني ۽ بنگالي پنهنجون ڪالونيون ٺاهي ويٺا آهن، جن کي ڪير به اٿاري نٿو سگهي. سنڌ جون سياسي ۽ سماجي ڌريون اهو مطالبو ڪنديون رهيون آهن ته انهن کي پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس موڪليو وڃي پر هيستائين اهو ممڪن نه ٿي سگهيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو اها آبادي هتان جي مستقل شهري ٿيڻ جي چڪر ۾ لڳي پئي آهي پر اها گهڻو ڪري ڏوهاري سرگرمين ۾ به ملوث آهي. سنڌ ۾ وڌندڙ ڏوهاري سرگرمين جو هڪ وڏو سبب ڌاري آبادي پڻ آهي. جيڪا ڏوهه ڪندي نٿي ڪيٻائي ۽ اها پنهنجو پاڻ کي هن ڌرتيءَ جو والي وارث پڻ سمجهي ٿي.
ان حُوالي سان ٻه ڏينهن اڳ سنڌ مان ڌارين جي نيڪاليءَ لا جسقم جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. جسقم جي سڏ تي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، ديدار شام، لياقت ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي موجودگي سبب اسان اقليت ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃون. معاهدي تحت سنڌ ۾ موجود سمورن ڌارين کي پنهنجي پنهنجي ملڪ تي موڪليو وڃي پر ان تي عمل اڃا نظر نه ٿو اچي. سنڌ ۾ ڌاريا وڌيڪ آباد ٿي رهيا آهن. معاهدي موجب سنڌ ۾ آباد سمورن ڌارين کي پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس موڪليو وڃي. ڦلجي اسٽيشن ۾ ڪارڪنن ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ريلي ڪڍي حيدر چوڪ تي مظاهرو ڪيو، جتي اڳواڻن خطاب ڪيو. فريدآباد ۽ ڪوٽڙي ۾ جسقم ڪارڪنن المدينا چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس اڳيان مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪيو. جسقم ڪارڪنن مٽياري، ڀٽ شاهه ۽ گهاري ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪري سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي جو مطالبو ڪيو. ان کان سواءِ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ ڌاري آبادڪاريءَ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
سنڌ ۽ وفاقي حڪومت کي هن سنجيده مسئلي ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن ان مسئلي کي هاڻ ئي حل نه ڪيو ويو ته پوءِ ايندڙ وقت به ڌاري آبادي سنڌ جي اصلوڪن ماڻهن لاءِ وڏو مسئلو پيدا ڪندي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ ڌاري آباديءَ کي واپس موڪليو وڃي ته جيئن سنڌ جي وسيلن تان بار گهٽجي سگهجي ۽ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال به برقرار رهي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button