اسلام آبادپاڪستانپنجاب

وفاقي حڪومت جو تيل جي ذخيرا اندوزي لا پاليسي جوڙڻ جو فيصلو

لاهور: پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته ملڪ ۾ پيٽرول جي شارٽيج کان بچڻ لاءِ بانڊڊ اسٽوريج پاليسي آڻي رهيا آهيون. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته جڏهن اسان جي ملڪ ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ٿيندي آهي ته سڀني کي خبر آهي ۽ پوءِ ذخيره اندوزي ڪندڙ ان جو فائدو وٺندا آهن. هن چيو ته هو ملڪ ۾ ذخيرا اندوزي کي روڪڻ لاءِ بانڊڊ اسٽوريج پاليسي آڻي رهيا آهن، بانڊڊ اسٽوريج پاليسي جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ تيل جي ڪابه کوٽ نه رهندي، هاڻي دنيا جا وڏا واپاري به ملڪ ۾ تيل جي ذخيرا اندوزي ڪري سگهندا. هن چيو ته ملڪ جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي، بانڊڊ اسٽوريج پاليسي جي ڪري مستقبل ۾ ملڪ ۾ پيٽرول جي کوٽ جهڙي صورتحال پيدا نه ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button