پاڪستانسنڌ

ايندڙ وفاقي حڪومت به پ پ جي هوندي: ملڪ اسد

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي ۾ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ پاران ترڪي جي اداري جي گڏيل سهڪار سان ڪوٽڙي شهر جو گند ڪچرو کڻڻ واري مشينري ڏيڻ واري تقريب جو افتتاح ڪيو ويو. شروعاتي طور تي سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ بورڊ پاران ميونسپل ڪميٽي ڪوٽڙي سان گڏجي اهڙي سروس جي شروعات ڪئي وئي آهي. تقريب جو افتتاح ڪوٽڙي جي ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر ڪيو. جڏهن ته ترڪش فرم جي ٽيڪنيڪل هيڊ تيڪن مترا، سي اي او مسٽر بيرام، سولڊ ويسٽ مئينجمينٽ بورڊ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نثار سومرو، جنرل مئنيجر فهيم اعواڻ کان علاوه، اي سي ڪوٽڙي سميع الله سنجراڻي، ميونسپل ڪميٽي ڪوٽڙي ۽ ٻولهاڙي جي چيئرمينن ۽ ٻين چونڊيل نمائندن توڙي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر چيو ته ڪوٽڙي شهر ۾ صفائي سٿرائي جو پراڻو مسئلو هاڻي حل ٿي ويندو نه رڳو اهو پر هن پروجيڪٽ تحت ڪوٽڙي ۽ ڀرپاسي جي شهرن جو ڪچرو مخصوص هنڌ تي شهر کان گهڻو پري ڊمپ پڻ ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪوٽڙي کان پو ٻولهاڙي، ڄامشورو ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ هن قسم جي سروس شروع ڪئي ويندي. ملڪ اسد سڪندر وڌيڪ چيو ته نه رڳو ايندڙ سنڌ حڪومت پ پ جي هوندي پر وفاق به پ پ جو هوندو ۽ بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button