ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام کي عملي طور رليف ڪڏهن ملندو؟

Editorial

آءِ ايم ايف سان معاهدي کانپوءِ وفاقي حڪومت پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي ۾ في لٽر 5 رپين جي واڌ ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ اها ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي. پيٽرول جي اگهه ۾ لاٿ جو فائدو عوام کي منتقل نه ڪيو ويو، گذريل ڏينهن پيٽرول تي في لٽر ليوي 50 رپين مان وڌائي 55 رپيا ڪئي وئي، جيڪا لاڳو ٿي وئي آهي. حڪومت گذريل ڏينهن اعلان ڪيو هو ته ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جو اگهه نه پيو وڌايو وڃي، جڏهن ته ڊيزل 7 رپيا مهانگو ڪيو ويو آهي. اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي وڌ کان وڌ ايڪس مل وڪري جي قيمت 187 رپيا 80 پئسا آهي، جڏهن ته پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 55 رپيا لاڳو ڪيا ويا آهن. ٽاپ لائن سيڪيورٽيز جي چيف ايگزيڪيوٽو محمد سهيل ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته جولاءِ جي وچ ۾ آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس کان اڳ هڪ ٻيو شرط پورو ڪيو ويو آهي، پاڪستان ايڪس مل قيمت ۾ ساڍا 7 رپيا لاٿ باوجود پيٽرول جي قيمت 262 رپيا في لٽر برقرار رکي آهي، پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي کي وڌائي 55 رپيا في لٽر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته 25 جون تي ناڻي واري وزير پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي آرڊيننس ۾ ترميم پيش ڪئي هئي، جيڪا قومي اسيمبلي اڪثريت سان منظور ڪئي.ترميم تحت پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي جي حد 50 رپيا في لٽر مان وڌائي 60 رپيا في لٽر ڪئي وئي هئي، جنهن کانپوءِ وفاقي حڪومت کي 50 رپيا في لٽر تائين ليوي لاڳو ڪرڻ جو اختيار ملي ويو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 3 ارب ڊالرن جي اسٽينڊ باءِ انتظامن (ايس بي اي) تي عملي جي سطح تي معاهدو ٿي ويو هو.
هواڏانهن ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي، ته عالمي منڊي ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي رجحان باوجود حڪومت وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي عوام تي گهٽ ۾ گهٽ بار وجهڻ جو فيصلو ڪندي پيٽرول جي قيمتن کي ايندڙ 15 ڏينهن تائين برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته ڊيزل جي حوالي سان ناڪاري رجحان کي نظر ۾ رکندي ايندڙ 15 ڏينهن تائين ساڍا ست رپيا في لٽر اضافو ڪيو ويو. گذريل ڏينهن پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ردوبدل جي حوالي سان نيوز ڪانفرنس ڪندي سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته هر 15ڏينهن کان پوءِ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ردوبدل ڪئي ويندي آهي ۽ 30 جون تي ان حوالي سان فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن کي عالمي منڊي ۾ ڪجهه ڏينهن کان جاري ناڪاري رجحان کي نظر ۾ رکندي اوگرا تجويز ڪيو آهي. هن چيو ته ڊيزل جي حوالي سان ڪافي ناڪاري رجحان ڏسڻ ۾ آيو ۽ ساڍا 3 ڊالر في بيرل جو اضافو اوگرا رڪارڊ ڪيو آهي ان رجحان کي ڏسندي اوگرا پوري ڪوشش ڪئي آهي ته وزيراعظم جي هدايت مطابق عوام تي گهٽ ۾ گهٽ بار وڌو وڃي ۽ انهن هدايتن جي روشني ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ ڪو به اضافو نه ڪيو ويندو ۽ ايندڙ 15 ڏينهن تائين پيٽرول جي قيمت موجوده سطح تي برقرار رهندي.
مٿين صورتحال مان واضح آهي ته عوام کي رليف ڏيڻ جون حڪومتي دعوائون صرف دعوائون ئي آهن، جنهن جو حقيقت سان ڪوبه تعلق ڪونهي. اصل ڳالهه عوام کي عملي طور رليف ڏيڻ جي آهي، جنهن جا پري پري تايئن امڪان نظر نه پيا اچن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button