اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان ۽ آئي ايم ايف ۾ 3 ارب ڊالر جو اسٽاف ليول جو معاهدو

اسلام آباد :پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو آهي. عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي اسٽاف ٽيم ناٿن پورٽر جي سربراهي ۾ پاڪستاني عملدارن سان ذاتي طور تي ۽ ورچوئل گڏجاڻي ڪئي. مشن جي پڄاڻي تي پورٽر پڌرنامو جاري ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته آءِ ايم ايف ٽيم پاڪستاني عملدارن سان اسٽاف جي سطح تي 2250 ملين ايس ڊي آر (تقريبن 3 ملين ڊالر يا 111 سيڪڙو آءِ ايم ايف ڪوٽا) جي رقم 9 مهينن جي اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ (ايس بي اي) تي معاهدو ڪيو آهي. نئين ايس بي اي پاڪستان جي 2019ع اي ايف ايف سپورٽ يافته پروگرام تحت عملدارن جي ڪوششن تي هموار آهي جيڪو جون جي آخر ۾ ختم ٿي رهيو آهي. هي معاهدو آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيٽو بورڊ جي منظوري سان مشروط آهي. جنهن مان اميد آهي ته جولاءِ جي وچ ڌاري ان درخواست تي غور ڪيو ويندو. آگسٽ 2022ع ۾ 2019ع جي توسيعي فنڊ سهولت (اي ايف ايف) تحت گڏيل ستين ۽ اٺين جائزن جي پوري ٿيڻ کانپوءِ معيشت کي ڪيترين ئي پرڏيهي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو جنهن ۾ 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جنهن ۾ لکين پاڪستانين ۽ يوڪرين ۾ روس جي جنگ جي نتيجي ۾ عالمي جنسن جي قيمتن ۾ اضافو شامل آهي. انهن مشڪلاتن سان گڏوگڏ ڪجهه پاليسي غلطين سميت پرڏيهي ناڻي جي مارڪيٽ جي ڪم ڪرڻ ۾ رڪاوٽن سبب معاشي ترقي رڪجي وئي آهي ۽ ضروري شين سميت مهانگائي تمام وڌيڪ آهي. پڌرنامي موجب نئون اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ معاهدو تازي پرڏيهي مشڪلاتن کان معيشت کي مستحڪم ڪرڻ، ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ گهڻ رخي ۽ ٻطرفي حصيدارن کان فنانسنگ لاءِ هڪ فريم ورڪ فراهم ڪرڻ لاءِ عملدار جي فوري ڪوششن جي حمايت ڪندو. نئون ايس بي اي معاهدو پاڪستاني عوام جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد لاءِ ملڪي آمدني کي بهتر بڻائڻ ۽ محتاط خرچن تي عملدرآمد ذريعي سماجي ۽ ترقياتي خرچن لاءِ جڳهه به پيدا ڪندو. آءِ ايم ايف طرفان چيو ويو آهي ته پاڪستان جي موجوده چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ مستحڪم پاليسي تي عملدرآمد اهم حيثيت رکي ٿو، وڌيڪ مالياتي نظم و ضبط سميت پرڏيهي دٻاءُ کي جذب ڪرڻ لاءِ مارڪيٽ جو تعين ٿيل مٽاسٽا ناڻي جي شرح ۽ سڌارن تي وڌيڪ اڳڀرائي، خاص طور تي توانائي جي شعبي ۾، موسمياتي لچڪ کي هٿي ڏيڻ ۽ بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪرڻ آهي. پڌرنامي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته معاهدو پاڪستان جي پرڏيهي ادائيگين جو دٻاءُ گهٽ ڪندو ۽ معاهدي سان سماجي شعبي لاءِ فنڊز جي فراهمي بهتر ٿيندي جڏهن ته معاهدو پاڪستان ۾ ٽيڪسز جي آمدني وڌائيندو ۽ ٽيڪس جي آمدني وڌڻ سان عوام جي ترقي لاءِ فنڊنگ وڌي سگهندي. معاهدو پاڪستان ۾ مالي نظم ۽ ضبط جو سبب بڻجندو ۽ معاهدي سان توانائي جا سڌارا يقيني بڻايا ويندا، جڏهن ته ايڪسچينج ريٽ کي مارڪيٽ جي حساب سان مقرر ڪيو ويندو. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان سان 9 مهينن جو اسٽينڊ باءِ معاهدو طئي ٿي ويو آهي، معاهدي سان پاڪستان کي پرڏيهي ملڪن ۽ مالياتي ادارن کان فنانسنگ دستياب ٿي سگهندي. آءِ ايم ايف موجب موجوده معاشي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پاليسين تي سختي سان عملدرآمد ضروري آهي جڏهن ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارا ڪيا وڃن. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته پارليامينٽ مالياتي استحڪام جي حمايت ۽ اوڳاڙين کي بهتر ڪرڻ جي هدفن موجب مالي سال 2024ع جي بجيٽ جي منظوري ڏني آهي، جيڪا سماجي ۽ ترقياتي خرچن کي وڌ کان وڌ بهتر بڻائيندي. مالي سال 2024ع جي بجيٽ ٽيڪس جي بنياد کي وسيع ڪرڻ ۽ گهٽ ٽيڪس وارن شعبن کان ٽيڪس وصولي ۾ اضافي سان گڏوگڏ ترقي پسند کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪجهه قدم کڻي جي ڊي پي جي تقريبن 0.4 سيڪڙو جي بنيادي سرپلس کي اڳتي وڌائيندو آهي. جڏهن ته بي آءِ ايس پي پروگرام ذريعي حقدارن جي مدد کي يقيني بڻائي ٿو. هي اهم هوندو ته بجيٽ کي منصوبابندي موجب عمل ۾ آندو وڃي ۽ عملدار ايندڙ مدي ۾ غير بجيٽ خرچن يا ٽيڪس ۾ ڇوٽ جي دٻاءُ جو مقابلو ڪن. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته اسٽيٽ بئنڪ درآمدي ترجيح بابت رهنمائي واپس وٺي ڇڏي آهي ۽ ايڪسچينج ريٽ جي مڪمل مارڪيٽ تعين کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. اسٽيٽ بئنڪ کي ناڻي واڌ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ متحرڪ رهڻ گهرجي، جيڪا خاص طور تي سڀني کان وڌيڪ غريبن کي متاثر ڪري ٿي ۽ موجوده عالمي ڏي وٺ ۽ ڪيترن ئي ڪرنسي جي طريقن لاءِ ادائيگين ۽ منتقلي تي پابندين کان پاڪ غير ملڪي ڪرنسي جو فريم ورڪ برقرار رکڻ گهرجي. گهڻ رخي ادارن ۽ ٻطرفي حصيدارن کان مالي تعاون کي متحرڪ ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکن. جينوا ۾ جنوري 2023ع ۾ موسمياتي تبديلي پاڪستان جي باري ۾ منعقد ٿيل ڪانفرنس ۾ واعدن سان گڏوگڏ عملدارن جي ڪوششن نئين فنانسنگ حاصل ڪرڻ ۽ ادا ڪرڻ جوڳن قرضن جي رول اوور کي محفوظ بڻائڻ تي ڌيان ڏنو آهي. هي ويجهي مدي جي پاليسي جي ڪوششن جي حمايت ڪندو ۽ مجموعي ذخيرن کي ٻيهر ڀريندو جنهن جو مقصد کين وڌيڪ موثر ۽ سطح تي آڻڻ آهي. پروگرام ۾ توانائي جي شعبي جي عملداري کي مضبوط بڻائڻ لاءِ جاري ڪوششون به شامل آهن. ايس او ايس گورننس کي بهتر بڻائڻ ۽ عوامي سيڙپڪاري جي انتظام جي فريم ورڪ کي مضبوط ڪرڻ ۽ موسيماتي تبديلي سان لاڳاپيل منصوبا شامل آهن. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته پروگرام جو مڪمل ۽ وقت سر لاڳو مشڪل چئلينجن جي روشني ۾ ان جي ڪاميابي لاءِ اهم هوندو. آءِ ايم ايف جي ٽيم خوشگوار ۽ تعميري ڳالهين ۽ تعاون لاءِ عملدارن جو شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي جنهن اسان کي اڄ جي ڪامياب نتيجي تي پهچايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button