اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ايل پي جي جو 11 ڪلو وارو گهريلو سلينڊر 229 رپيا سستو

اسلام آباد:آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي جي گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ 229 ڏهائي 54 روپين جي گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق پهرين جولاءِ 2023ع کان ايل پي جي جي گهريلو سلينڊر جي نئين قيمتن جو اعلان ڪيو آهي ۽ عيدالاضحيٰ تي عوام کي وڏي خوشخبري ڏيندي ايل پي جي 11 ڏهائي 8 ڪلو گرام جي گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ 229 ڏهائي 54 روپين جي گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي. اوگرا نوٽيفڪيشن مطابق جون 2023ع ۾ ايل پي جي 11 ڪلو گرام جي گهريلو سلينڊر جي قيمت 2321 روپيا هئي جڏهن ته پهرين جولاءِ کان مقرره نئين قيمت مطابق 229 گهٽتائي سان ايل پي جي 11 ڪلو گرام جي گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ 2092 ڏهائي 13 روپيا مقرر ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button