اسلام آبادپاڪستان

ڀارت ۾ 417 پاڪستاني ۽ پاڪستان ۾ 308 ڀارتي شهري قيد

اسلام آباد : پاڪستان ۽ ڀارت ۾ قيدين جي فهرستن جي ڏي وٺ ٿي آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب پاڪستان 308 ڀارتي قيدين جي فهرست ڀارتي هاءِ ڪميشن کي ڏني.ترجمان ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 308 ڀارتي قيدين ۾ 266 مهاڻا ۽ 42 ٻيا ماڻهو شامل آهن. ترجمان موجب ڀارتي حڪومت پاڪستاني قيدين جي فهرست نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي ڏني آهي، جنهن موجب ڀارت جي جيلن ۾ 417 پاڪستاني قيد آهن، جن ۾ 343 عام شهري ۽ 74 مهاڻا آهن.ترجمان ٻڌايو ته قيدين جي فهرستن جي ڏي وٺ قونصلر پهچ بابت 2008 جي معاهدي تحت ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button