اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

آئي ايم ايف معاهدي بعد ڊيزل 7 رپيا مهانگو،پيٽرول جو اگهه برقرار

اسلام آباد:آءِ ايم ايف سان معاهدي کانپوءِ وفاقي حڪومت پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي ۾ في لٽر 5 رپين جي واڌ ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ اها ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي. پيٽرول جي اگهه ۾ لاٿ جو فائدو عوام کي منتقل نه ڪيو ويو، گذريل ڏينهن پيٽرول تي في لٽر ليوي 50 رپين مان وڌائي 55 رپيا ڪئي وئي، جيڪا لاڳو ٿي وئي آهي. حڪومت گذريل ڏينهن اعلان ڪيو هو ته ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جو اگهه نه پيو وڌايو وڃي، جڏهن ته ڊيزل 7 رپيا مهانگو ڪيو ويو آهي. اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي وڌ کان وڌ ايڪس مل وڪري جي قيمت 187 رپيا 80 پئسا آهي، جڏهن ته پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 55 رپيا لاڳو ڪيا ويا آهن. ٽاپ لائن سيڪيورٽيز جي چيف ايگزيڪيوٽو محمد سهيل ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته جولاءِ جي وچ ۾ آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس کان اڳ هڪ ٻيو شرط پورو ڪيو ويو آهي، پاڪستان ايڪس مل قيمت ۾ ساڍا 7 رپيا لاٿ باوجود پيٽرول جي قيمت 262 رپيا في لٽر برقرار رکي آهي، پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي کي وڌائي 55 رپيا في لٽر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته 25 جون تي ناڻي واري وزير پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي آرڊيننس ۾ ترميم پيش ڪئي هئي، جيڪا قومي اسيمبلي اڪثريت سان منظور ڪئي.ترميم تحت پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي جي حد 50 رپيا في لٽر مان وڌائي 60 رپيا في لٽر ڪئي وئي هئي، جنهن کانپوءِ وفاقي حڪومت کي 50 رپيا في لٽر تائين ليوي لاڳو ڪرڻ جو اختيار ملي ويو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 3 ارب ڊالرن جي اسٽينڊ باءِ انتظامن (ايس بي اي) تي عملي جي سطح تي معاهدو ٿي ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button