رانديون

پي ايس جي جو مينيجر نسل پرستي جي الزام ۾ پٽ سميت گرفتار

فرانس جي فٽبال ڪلب پي ايس جي جو مينيجر ڪرسٽوف گالٽيئر نسل پرستي جي الزام ۾ پٽ سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن خلاف مٿس لڳايل الزامن جي جاچ شروع ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق پيرس سينٽ جرمن يعني پي ايس جي ڪلب جي مينيجر گالٽيئر ۽ سندس پٽ تي اسلام مخالف ڳالهائڻ جو بھ الزام آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ڪلب جي مينيجر ڪرسٽوف گالٽيئر ۽ سندس دوست جولين فورنيئر وچ ۾ ڳالهه ٻولهه واري اي ميل بھ ليڪ ٿي آهي، جنهن ۾ گالٽيئر دوست جولين فورنيئر کي چئي رهيو آهي تھ اسڪواڊ ۾ گهڻا مسلمان ۽ ڪاري رنگ جا رانديگر آهن، تنهنڪري مان انهن ۾ تبديلي آڻڻ چاهيان ٿو. هن جو چوڻ هو تھ هي غلامم جي ٽيم آهي، جنهن ۾ گهڻا ڪارا رانديگر آهن ۽ اڌ ٽيم مسجد وڃي ٿي. هوڏانهن گالٽيئر خلاف جاچ ۾ وڪيل ڳالهائيندي ٻڌايو تھ کيس گالٽيئر جي ڳالهين تي ڏک ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button