رانديون

نجم سيٺي دور ۾ ڀرتين ۽ خرچن جو سمورو رڪارڊ ٻيهر طلب

وفاقي حڪومت پي سي بي جي اڳوڻي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي دور ۾ ڀرتين ۽ خرچن جو سمورو رڪارڊ ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق وفاقي حڪومت پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر کي خط لکي رڪارڊ ڏيڻ جي يادگيري ڏياري آهي، ان کان اڳ بين الصوبائي وزارت پاران پڻ پي سي بي اختيارين کي رڪارڊ فراهم ڪرڻ جي ڏس ۾ 16 مئي، 2، 13 ۽ 22 جون تي خط لکيا ويا هئا، جنهن بعد هاڻ هڪ ٻيو خط لکيو ويو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ نئين خط ذريعي پي سي بي ۾ مبينا بي ظابطگين، ڪوچز سميت ڪانٽريڪٽ ۽ مستقل بنيادن تي ڪيل ڀرتين جو سمورو رڪارڊ گهريو ويو آهي. خط ۾ وفاقي سرڪار ڀرتين جي سموري ڊيٽا فراهم ڪرڻ ۽ مينيجمينٽ ڪاميٽي پاران ڪيل خرچن جا تفصيل ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن ٻڌايو تھ حڪومت پي سي بي جي اختيارين کان نجم سيٺي جي دور ۾ ٿيل معاهدن، ڪوچز ۽ آَفيشلز خلاف ٿيل جاچ ٿيڻ ۽ ختم ٿيڻ بابت تفصيلن سان ڀرپور رڪارڊ بھ طلب ڪيو آهي. جڏهن تھ حڪومتي اختيارين پي سي بي عملدارن کي 4 جولائي تائين سمورو گهربل رڪارڊ فراهم ڪرڻ جي سختي سان تنبيهه ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button