رانديون

انگلش ڪوچ بيرسٽو جي آئوٽ ٿيڻ تي سوال اٿاري ڇڏيا

انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ برينڊن ميڪ ڪولم ايشز جي ٻي ٽيسٽ دوران ٽيم جي بيٽر جوني بيرسٽو جي اسٽمپ آئوٽ ٿيڻ تي ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿيندي اسپورٽس مين شپ تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي انگلش ڪوچ برينڊن ميڪ ڪولم ٻڌايو تھ مون نظر نٿو اچي اسين آسٽريليا سان گڏ خوشي ملهائينداسين، پر هاڻ باقي ٽن ٽيسٽ ميچن تي ڌيان ڏئي ڪاميابي ماڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو تھُ اسپرٽ آف دي گيم اهم آهي، اسين اهڙي صورتحال ۾ شايد ٻيو فيصلو ڪيون ها. ياد رهي تھ ٻي ٽيسٽ ۾ جوني بيريسٽو کي آسٽريليا جي وڪيٽ ڪيپر ايلڪس ڪيري ڪريز ڇڏڻ تي اسٽمپ آئوٽ ڪيو هو، جيڪو وڏي تڪرار ۾ تبديل ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button