رانديون

اتاپٽو جي سينچري، سريلنڪا ويمن هٿان نيوزيلينڊ کي شڪست

سريلنڪا ويمن آخري ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ ويمن کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز بھ کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق برسات سبب راند 31 اوورن تائين محدود ڪيو ويو هو. سريلنڪا ويمن 2 وڪيٽن تي 196 رنسون ڪيون، جنهن ۾ چماري اتاپٽو 140 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهي شاندار اننگز کيڏي، نيلاڪشي ڊي سلوا 48 رنسن سان سندس ساٿ ڏنو. هوڏانهن نيوزيلينڊ ويمن ٽيم 31 اوورن ۾ 2 وڪيٽن تي 127 رنسون ٺاهي سگهي آهي، جنهن ۾ سوزي بيٽس 63 ۽ صوفي ڊوائين 38 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيون. جڏهن تھ سريلنڪن ڪپتان چماري اتاپٽو 80 بالن تي 140 رنسن جي اننگز کيڏڻ تي پليئر آف دي ميچ ۽ ان سان گڏ پليئر آف دي سيريز جا اعزاز پنهنجي نالي ڪيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button