آسٽريليا جي هڪ اخبار بين اسٽوڪس جي نامناسب تصوير ڇاپي ڇڏي آهي، جنهن کي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو وائرل ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ايشز سيريز جي ٻي ٽيسٽ جوني بيرسٽو جي اسٽمپ آئوٽ تان الزام تراشين سان تڪراري نموني ختم ٿيڻ بعد اخبار نامناسب تصوير ڇاپي آهي. جڏهن تھ تصوير ۾ بين اسٽوڪس کي ڊائپر پاتل ۽ چوسڻي وات ۾ وجهي ٽرافي توڙي بالي کي کڻندي ڏيکاريو ويو آهي. اخبار تصوير جي ڪيپشن ۾ رڳو ٻھ لفظ لکيا تھ روئيندڙ ٻار. هوڏانهن ڪرڪيٽ ۽ خاص ڪري انگلش ٽيم جي مداحن ۾ ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close