پاڪستان جون مينز ۽ ويمنز ڪرڪيٽ ٽيمون ايندڙ سال انگلينڊ ۾ سيريز کيڏنديون، جنهن جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ ۽ پي سي بي ٻنهي ٽيمن جي ميچن جو تصفيلي شيڊول بھ منطور ڪري ورتو آهي. شيڊول تحت مينز ٽيم ٽي 20 جون 4 ميچن کيڏندي، جيڪي 22 مئي، 25 مئي، 28 مئي ۽ 30 مئي تي کيڏيون وينديون، جنهن بعد قومي ٽيم جي هالينڊ ۽ آئرلينڊ خلاف بھ سيريز کيڏڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. هوڏانهن قومي ويمنز ٽيم انگلينڊ ويمن خلاف 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي 20 ميچن جي سيريز کيڏندي، جنهن جون جڳهيون بھ طئي ڪيون ويون آهن. قومي ويمنز ٽيم ٽي 20 ميچون 11، 17 ۽ 19 مئي تي انگلينڊ ويمن خلاف کيڏندي، اهڙي ريت ون ڊي ميچ 23، 26 ۽ 29 مئي تي کيڏيا ويندا. هوڏانهن پي سي بي موجب قومي ويمنز ٽيم ويمنز ٽيم جي سيپٽمبر دوران ڪراچي ۾ ڏکڻ آفريقا ويمن خلاف هڪ سيريز بھ طئي ٿي آهي. جڏهن تھ ويمنز ٽيم آڪٽوبر ۾ بنگلاديش ۽ ڊسمبر ۾ نيوزيلينڊ جا دورا بھ ڪندي. ويسٽ انڊيز ويمنز خلاف هوم سيريز اپريل ۽ مئي ۾ رٿي وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close