رانديون

افغانستان پهريون ڀيرو بنگلاديش کان ون ڊي سيريز کٽي ورتي

افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم پهريون ڀيرو بنگلاديش کان ون ڊي سيريز کٽي تاريخ لکي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ٽن ميچن واري ون ڊي سيريز جي ٻي ميچ ۾ بھ افغانستان جي ٽيم 142 رنسن تان بنگلاديش کي شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪئي آهي. ان کان اڳ افغانستان جي ٽيم 9 وڪيٽن تي 331 رنسون ٺاهي بنگلاديش کي هدف ڏنو، جنهن ۾ رحمان الله گرباز 145 ۽ ابراهيم زادران 100 رنسن جي اننگز کيڏي ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪيو. بنگلاديش جي ٽيم هدف ماڻڻ جي ڪوشش ۾ 189 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ مشفيق الرحيم 69 رنسن سان نمايان رهيو. افغان بالرن فضل الحق فاروقي ۽ مجيب الرحمان 3،3 وڪيٽون ورتيون آهن. ياد رهي تھ ٽن ميچن مان 2 ميچن ۾ افغانستان ڪاميابي ماڻي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button