شوبز

سومي علي وڏي اسٽار تي جسماني ۽ ذهني تشدد جو الزام هڻي ڇڏيو

بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا سومي علي فلم انڊسٽري جي هڪ وڏي اسٽار تي مٿس بدترين جسماني ۽ ذهني تشدد جو الزام هڻي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق هڪ انٽرويو دوران سومي علي اڳوڻي دوست سلمان خان يا ڪنهن ٻئي جو نالو وٺڻ بنا مزاحمت جو بھ اعلان ڪيو آهي. هن جو چوڻ آهي تھ وڏي اسٽار هٿان بدترين جسماني ۽ ذهني تشدد کي منهن ڏنو، هاڻ خاموش نھ ٿينديس. سومي علي انڪشاف ڪيو تھ مون کي پوسٽون هٽائڻ جو چيو ويو آهي، جنهن ذلت مان گذري آهيان، ان تڪليف ڏني آهي، تنهنڪري مان هاڻ پوئتي نٿي هٽي سگهان. هن چيو تھ اهڙي صورتحال ۾ ڪير بھ ساٿ ناهي ڏيندو، وڏو اسٽار ڪم کان محروم ڪرائي سگهي ٿو. ياد رهي تھ سومي علي اڳ بھ سلمان خان تي تشدد جا الزام لڳائيندي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button