
ڀارت جي مشهور پنجابي راڳي سڌو موسي والا جي قاتل لارينس بشنوئي جي جيل ۾ طبيعت خراب ٿي پئي آهي. ميڊيا مطابق لارينس بشنوئي کي جيل ۾ معدي جي تڪليف ٿي آهي، جنهن کي ڦنڊا جيل مان مقامي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ياد رهي تھ لارينس بشنوئي بالي ووڊ جي سپر اسٽار سلمان خان کي لاڳيتو قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.