لطيف جي شاعريءَ جو اهو ڪمال آهي ته هن جو هر لفظ ۽ هن جا ٻه، ٽي ۽ چار لفظ پنهنجي پاڻ ۾ ڪنهن جادوءَ جهڙي ڪيفيت پيدا ڪندڙ تحرير بڻجي اڀري ايندا آهن. اهوئي سبب آهي ته سڀ کان اڳ ۾ شيخ اياز ۽ هن کانپوءِ هر سنڌي اديب پنهنجي تخليق مٿان لطيف جي لفظن جي ڇانوَ ڪرڻ ۾ هڪ فخر ۽ هڪ مسرت محسوس ڪئي آهي. سنڌي ٻوليءَ جا تمام گهڻا ڪتاب لطيف جي لفظن سان پڪاريا ويندا رهيا آهن. پر هن ڪالم جو مقصد لطيف جي شاعريءَ جي عظمت بيان ڪرڻ ناهي. جيتوڻيڪ هن ڪالم جي مٿان به لطيف جا لفظ هڪ خوبصورت ٽيڙو بڻجي ٽڙي بيٺا آهن.
“پاڻيءَ منجهه پساهه” ڪيتري سچي ۽ ڪيتري نه مست ڪندڙ ڪيفيت جا ترجمان بڻجي ويندڙ لفظ آهن. جيڪڏهن انهن لفظن جي سائنسي علم جي نظر سان ڏٺو وڃي ته اسان کي اهو به ڏسڻ ۾ ايندو ته لطيف علم حياتيات (Biology) جو عالم نه هجڻ جي باوجود به ان حقيقت کان آگاهه هو ته زندگيءَ جو بنيادي سرچشمو پاڻي آهي. ڊارون جنهن حقيقت کي بيان ڪرڻ لاءِ سامونڊي سفر ڪيا ۽ پاڻ سان آندل اڳوڻن اهڃاڻن جي معرفت هن اهو معلوم ڪيو ته اهو پاڻي ئي آهي، جنهن مان زندگيءَ جنم ورتو. پر لطيف پنهنجي لاءِ ۽ مستيءَ ۾ اهو ڪجهه بيان ڪري ويو.، جنهن جي اسان کي اڳ ۾ ڪا ڪل نه هئي. لطيف صوفي هو. لطيف شاعر هو. موسيقار هو. لطيف هڪ عظيم آرٽسٽ هو. پر لطيف هڪ سائنسدان نه هو. ان ڪري هو پنهنجي پيش ڪيل نظرئي جي حق ۾ ڪي ثبوت ۽ ڪي دليل پيش ڪري نه ٿو سگهي. پر هڪ حقيقي آرٽسٽ جي حيثيت سان هن جا پيش ڪيل خيال نه صرف خوبصورت آهن پر سچا ۽ صحيح به آهن.
لطيف هڪ عظيم شاعر هجڻ جي حوالي سان اهو تصور پيش ڪري ويو ته “پاڻيءَ منجهه پساهه” پر اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته لطيف هڪ شاعر ۽ تمام تکو تخليقڪار آهي. ان ڪري هن جي سٽ ان تلوار جيان هجڻ گهرجي، جنهن کي هڪ نه پر ٻه ڌارون هونديون آهن.
لطيف جي مٿئين اڌ سٽ، جيڪا پنهنجي پاڻ ۾ مڪمل سٽ ته ڇا پر مڪمل شعر آهي. اها سٽ به ٻه ڌاري تلوار جيان آهي. ڇو ته جڏهن “پاڻيءَ منجهه پساهه” جو تصور پيش ٿئي ٿو تڏهن اسان جي ذهن ۾صرف اهو نه ٿو اچي ته پاڻيءَ مان زندگيءَ جو جنم ٿئي ٿو پر اسان جي ويچار ۾ اهو خيال به پنهنجون خوبصورت پر آليون اکڙيون کولي ٿو ته “پاڻيءَ منجهه پساهه” زندگيءَ جي ان انت جو به هڪ منظر آهي، جڏهن زندگيءَ هو آب ۾ انت اچي ٿو.
لطيف اها ڪيفيت “سر سهڻي” ۾ ڀرپور انداز سان پيش ڪئي آهي. ڇو ته پاڻي سهڻيءَ جو سهارو به هو ۽ پاڻي هن جي انت جا اسباب به کڻي آيو. پر لطيف جي ان خوبصورت خيال کي ان وقت هڪ نئين معنيٰ ملڻ لڳي ٿي، جڏهن ماحولياتي بگاڙ سبب شيون توازن ۽ ترتيب مان نڪري ويون آهن ۽ ان سبب اهي موسمون ۽ انهن موسمن جي سرن تي وسندڙ پاڻي زندگيءَ جو ذريعو بڻجڻ بدران هاڻي اجل جو پيغام بڻجي اچي ٿو. ڇو ته سنڌ ۾ آيل بي مندائتي ۽ برساتي ٻوڏ هجي يا هن وقت مون سون جي ابتدا دوران ڀارت کان ايندڙ گجگوڙ ڪندڙ پاڻي هجي، ان پاڻيءَ ۾ اسان زندگيءَ جي ڪنول گلن کي ترندو نه پر مرندو ڏسون ٿا ۽ اسان جي ڪيفيت ۾ تمام گهڻي تلخي پيدا ٿي وڃي ٿي.
هن وقت ڀارت جهڙي ريت پاڪستان کي اعتماد ۾ وٺڻ ته ڇا پر هن کي پيشگي اطلاع ڏيڻ بدران واڌو پاڻيءَ کي راويءَ جي راهه ڏيکاري رهيو آهي ۽ ان کي هاڻي جهڙي ريت هن ستلج ۾ ڇڏيو آهي، ان سان ٻنهي درياهن جي ڪنارن تي رهندڙ انسان تمام گهڻي تڪليف ۾ اچي ويا آهن پر مجال آهي ته ان آبي حملي تي دنيا جي امير ۽ سگهارن ملڪن جي ڪا نظر ۽ ڪا نگاهه به هجي. جڏهن ته هن مهل دنيا تيزيءَ سان جنهن قسم جي تباهيءَ طرف وڌي رهي آهي، ان جو گهڻو بنياد ماحوليات آهي. اها ماحوليات ئي آهي، جنهن سبب هلندڙ اونهاري دوران ايندڙ هر ڏينهن کي تاريخ جو تمام گرم ڏينهن قرار ڏنو پيو وڃي. اها صورتحال صرف سنڌ ۽ پنجاب ۾ ناهي پر جديد ميڊيا جي معرفت ان قسم جا منظر جپان مان به اچي رهيا آهن، جڏهن ماڻهو روڊن ۽ رستن تي گرميءَ کان بچڻ جي لاءِ پنهنجي مٿان پاڻي هاري رهيا آهن.
ڀارت ته اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي. ڀارت جي جابلو علائقن ۾ جهڙي ريت برفاني گليشيئر ڳري رهيا آهن ۽ ان سبب جيڪي سيلاب جنم وٺي رهيا آهن، انهن جو رخ پاڪستان طرف موڙڻ جو مقصد صرف پاڻ کي بچائڻ نه پر پنهنجي مخالف ملڪ کي نقصان رسائڻ به آهي. ان ڪري هن مهل ڀارت جي اوچن ماڳن تان جيڪو پاڻي پاڪستان ۾ داخل ٿي رهيو آهي، ان کي اسان جا توڙي عالمي سطح جا موسمياتي توڙي ملڪ تحفظ جا ماهر “آبي دهشتگردي” جو نالو ڏئي رهيا آهن ۽ اهو نالو ۽ اهو حوالو اصولي طور غلط به ناهي. ڇو ته اها حقيقت آهي ته ڪنهن به مخالف تي صرف بمن ۽ ميزائلن سان حملو نه ٿو ڪري سگهجي پر پاڻيءَ جي معرفت به پنهنجي مخالف ملڪ جا بنياد ڪمزور ڪري سگهجن ٿا. هونءَ به ان حقيقت کي هن وقت دنيا بنا ڪنهن بحث جي تسليم ڪري چڪي آهي ته دنيا ۾ هوا ۽ پاڻيءَ جون ٻه قدرتي شڪتيون ايتريون ته شديد ٿي سگهن ٿيون جو ان سان ملڪ جا ملڪ متاثر ٿي سگهن ٿا.
دنيا جا طاقتور ملڪ جيڪي پنهنجي جنگي طاقت ۽ صلاحيت سان ڪجهه به ڪري سگهن ٿا پر جڏهن اسان انهن ملڪن مٿان فطرت جي قوتن جا حملا ڏسون ٿا ۽ انهن حملن کانپوءِ جڏهن اسان انهن جي حالت زار تي نظر وجهون ٿا ته اسان کي فطرت جي اٿاهه طاقت ۽ انسانن جي محدود سگهه جو ادراڪ ٿيڻ لڳي ٿو. اسان جو ملڪ هن مهل ڀارت جي معرفت جهڙي ريت اضافي پاڻيءَ واري حملي جو شڪار آهي، ان تي پاڪستان کي پورو حق حاصل آهي ته هو ڪنهن به عالمي پليٽ فارم تي پنهنجو احتجاج پيش ڪري ۽ دنيا جي ملڪن کي مجبور ڪري ته هو ڀارت کان پڇا ڪن ته آخر هن کي اها اجازت ڪنهن ڏني آهي ته هوءَ پنهنجي سرحدن جي اندر ايندڙ اضافي پاڻيءَ کي هٿيار بڻائي پاڪستان جي خلاف استعمال ڪري. جيڪڏهن ان قسم جي ڪاررواين تي ڪنهن قسم جو احتجاج نه ڪيو ويو ۽ ان تي قانون حرڪت ۾ نه آيو ته پوءِ دنيا جو ڪو به ملڪ پاڻ کي آجو ۽ آزاد سمجهندو ته هو پنهنجي مٿان آيل قدرتي آفت جو رخ پنهنجي پاڙيسري ملڪ جي طرف تبديل ڪري ڇڏي. ان حالت ۾ ته دنيا وڌيڪ انتشار ۽ انارڪيءَ جو شڪار ٿي سگهي ٿي ۽ ان انتشار ۽ انارڪيءَ جي صورت وڌيڪ شدت اختيار ڪري اهڙي جنگ جو بنياد رکي سگهي ٿي، جنهن کان پوءِ جياپي جا اصل ۽ حقيقي بنياد تمام گهڻي حد تائين تباهه ۽ برباد ٿي وڃن.
دنيا کي هن مهل معلوم ٿيو آهي ته “پاڻيءَ منجهه پساهه” جي گهري معنيٰ ڪهڙي آهي؟ سنڌ انهن ٽن لفظن جي ٻه ڌاري تلوار سان وڍبي رهي آهي.