پاڪستانسنڌ

گهوٽڪي ۾ اغوا ۽ قتل واقعن خلاف شٽربند هڙتال، سوين ماڻهن جي ريلي

گهوٽڪي: گهوٽڪي ۾ اغوا، بدامني توڙي قبائلي جهيڙن ۾ بيگناهھ ماڻهن کي مارڻ خلاف شهري اتحاد جي سڏ تي گهوٽڪي ۾ واپاري ۽ دڪاندارن پنهنجو ڪاروبار بند رکيو، جنهن جي ڪري شهر جا مک ڪاروباري مرڪز شاهي بازار، ليڊيز مارڪيٽ، سونارڪي بازار، اسٽيشن روڊ، قادرپور روڊ سميت ننڍو وڏو ڪاروبار بند رهيو. جڏهن ته سياسي سماجي ڌرين لالا قيصر پٺاڻ، وجي ڪمار، اعظم چاچڙ، حال بخش گهوٽو، اسلم حيدري، چندر لال، ڀيشم لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان اي سيڪشن ٿاڻي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي. ريلي دوران شهري امن کپي جا زوردار نعرا هنيا. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته گهوٽڪي ۾ امن امان جي صورتحال تمام گهڻي خراب ٿي وئي آهي، جنهن جي ڪري شهري عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آهن، جڏهن ته قبائلي جهيڙي جي ڪري بيگناھه ماڻهن جو قتلام ڪيو پيو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته پوليس واقعن کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي آهي، اغوا جون روز وارداتون ٿيڻ سبب شهري توڙي ڪاروباري طبقو سخت پرِيشان آهي، ظالمن جي ڪاررواين کان هاڻ ٻار به محفوظ ناهن رهيا، سلمان ۽ ڪلثوم لغاري کي بيرحماڻي انداز ۾ قتل ڪري سندن لاش ڦٽا ڪيا ويا، ڏينهن ڏٺي جو ڏوهي وارداتون ٿي رهيون آهن، پوليس جي رٽ ڪٿي به نظر نه پئي اچي، اي سيڪشن ٿاڻي تي مقرر ايس ايڇ او پنهنجي زندگي بچائڻ لا بڪتربند ۾ گهمي ٿو، شهري ننڌنڪا ۽ لاوارث بڻيل آهن، ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو امن امان بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي. هنن وس وارن کان گهر ڪئي ته گهوٽڪي ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لا قدم کنيا وڃن. هوڏانهن بدامني خلاف سڀاڻي آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button