پاڪستانسنڌ

نوشهروفيروز ضلعي ۾ بدامني سبب ماڻهو محفوظ ناهن: سنڌو نواز گهانگهرو

نوشھروفيروز: سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو پنهنجي ساٿين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي نوشهروفيروز ضلعو بدامني جي ور چڙهي ويو آهي، روڊن رستن تي ڏينهن جو به ماڻهو محفوظ ناهن، ڦرون ۽ چوريون عام آهن، پوليس عام ماڻهن جو تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، ضلعي ۾ مقرر ٿيل نئين ايس ايس پي جي قمبر ۾ مقرري دوران ڪارڪردگي به مطمئن ڪندڙ ناهي. سنڌو نواز وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ جو امن دا تي لڳل آهي، قاضي احمد ۾ نوجوان کي ان جي زال ۽ ٻارن جي سامهون سرعام تشدد ۽ وحشت جو نشانو بڻايو ويو آهي، سڄي سنڌ ۾ پوليس جو عام ماڻهن سان رويو اھڙو ئي آهي، پوليس رڳو پ پ جي وڏيرن ۽ ڀوتارن جي تحفظ ۽ انهن جي پروٽوڪول لاءِ آهي، نوشهرو فيروز پوليس کي الٽيميٽم ڏيون ٿا محرم تائين ضلعي جو امن بحال نه ٿيو ته ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي ۽ هزارين ماڻهن سان احتجاجي مارچ ڪري ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻنداسين. ان موقعي تي ماهه نور شيخ ۽ حمز علي چانڊيو چيو ته نوشهرو فيروز ضلعي ۽ شهر ۾ منشيات عام آهي، نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي پر پوليس منٿلي عيوض خاموش آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button