رانديون

فٽبال جو وڏو نالو جورڊن هينڊرسن بھ سعودي ڪلب ۾ شامل

فٽبال جي دنيا جو وڏو نالو جورڊن هينڊرسن بھ سعودي ڪلب ۾ شامل ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق انگلينڊ ۽ ليورپول جي اڳوڻي فٽبالر سان سعودي ڪلب الاتفاق زباني طور معاهدو ڪيو آهي، جنهن جي معاوضي بابت اڃا طئي نھ ٿيو آهي، پر امڪان آهي تھ سعودي ڪلب کيس هڪ هفتي جا 80 هزار ڊالر ادا ڪندي. هوڏانهن رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ جورڊن هينڊرسن جي معاوضي بابت ڳالهيون هلندڙ آهن، جنهن بعد معاملو طئي ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button